20/10/2023
ٻانڌي ماکنڊ لنڪ روڊ ڪيترن سالن کان ٽٽل ھئڻ ڪري منٽن وارو سفر ڪلاڪن ۾ ٿيندو ھو ، جنھن ڪري مسافر سخت تڪليفن منھن ڏيئي رھيا ھئا ، پر گذريل برساتن کانپوءِ ڦڙدو موري کان وٺي ڳوٺ ڀليڏنو ڏاھري تائين آسپاس جي زميندارن پاران پنھنجي زمينن کي برساتي پاڻي کان بچائڻ لاءِ پنھنجي زمين مان ڪرين مشين ذريعي نالا پٽي اھا مٽيءَ غير قانوني طور لنڪ روڊ تي رکي روڊ ڪافي حد تائين بند ڪري ڇڏيو آھي، جڏهن ته ٻئي پاسي واٽر ڪورس جي کاٽي ٿيڻ سبب روڊ مڪمل طور مٽيءَ حوالي ٿي ويو آهي ، جنھن سبب سفر ڪندڙ ماڻهو سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻ لڳا ، ڊي سي نوابشاھ ، اي سي دوڙ ، مختيارڪار دوڙ ۽ حد جي تپيدار کي گھرجي ته روڊ تي غير قانوني طور رکيل مٽيءَ ھٽائي روڊ کي عوام لاءِ آزاد ڪيو وڃي،