Vet Dr Amjad Ali

Vet Dr Amjad Ali Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Vet Dr Amjad Ali, Grocers, Phulji station, Dadu.

vaccination protocol for Animals
10/09/2026

vaccination protocol for Animals

24/05/2026
08/02/2025

سوتڪ جو بخار؟

Milk Fever or Hypocalcemia?

ھي مسعلو به تڪريبن ھر نڍي توڙي وڏي جانورن جي واڙي تي ملي ٿو ۽ اھي جانور جيڪي کير جي پيداوار لاء رکيا وڃن ٿا (جھڙوڪ مينهن ۽ ڳئون) انهن ۾ گهڻي ڀاڱي عام مسعلو آھي!!
سوتڪ بيماري ته نٿا چئي سگهون پر وقتن جڏهن جانور بيوس ۽ لاچار ٿي ڪري پوي ٿو ته پوء ڪنهن بيماريء کان گھٽ به ناھي..

سوتڪ عموماً وڌيڪ مقدار ۾ کير ڏيندڙ ميھن ۽ ڊڳين ۾ ٻچو يا فر ڏيڻ کان تقريباً 48 ڪلاڪ بعد ۾ ٿيندو آهي.
ھن تڪليف جي تڪڙي وجه ھڪڙي آهي ۽ اھا آهي رت اندر ڪيلشيم Calcium نمايان ڪمي.. ڇاڪاڻ رت اندر موجود ڪيلشيم کير ذريعي گهڻي مقدار ۾ خارج ٿي وڃي ٿو ۽ جانور ٿڏي تي ئي زمين تي ويھي رھي ٿو!!!

بيماري جي شروعات ۾ بک ۾ گھٽتائي قبض ۽ بيچيني ھوندي آھي ۽ جانور بار بار اٿ ويھ ڪندو رھندو آهي.
بخار ناھي ھوندو ۽ جانور پنهنجي منڍي پوئتي ڪري ڇاتيء سان لڳائي نيم بيھوشيء واري حالت ويھي رھندو آهي ۽ اھا بيماريَ جي مخسوس علامت آھي ...!!!
ان کام علاوه وات ۾ ھٿ وجهڻ تي معلوم ٿيندو ته جانور جا اڳيان ڏنڍ لڏندا ۽ جانور ڏنڍ ڪرٽڻ جو آواز ڪندو آهي.

ڪيلشيم بوروگلوڪونيٽ جي انجيڪشن %20 جسامتي وزن جي حساب سان رڳ يا نس ۾ ڪرڻڻ سان جانور ۾ ڪيلشيم جي ڪمي پوري ٿي وڃي ٿي ان کان علاوه وٽامن Vitamin AD3 جو ٽيڪو پڻ لڳائجي ان سان رت ۾ ڪيلشيم جذب ٿيڻ ۾ مدد ملي ٿي..!!!

* ياد رکو اگر بروقت علاج ۾ تاخير ڪئي وئي يا پاڻ مرادو علاج ڪري ڀاڳين جي پراڻن ڏس پتن تي ھلندؤ ته جانور مري به سگهي ٿو.
Dr Amjad Ali Panhwar

06/02/2025

ٻڪرين ۾ بوجاري (PPR) جي بيماري ۽ علاج:

هي بيماري هڪ وائرل بيماري آهي (Morbilivirus) وائرس ڪاڻ ٿئي ٿي ٻڪرين ۽ رڍن ۾، وڏن جانورن ۾ نه ٿيندي آهي ۽ هڪ جانور کان ٻئي جانور ۾ جلد منتقل ٿيندي آ۔

نشانيون:
جانور سست ٿيڻ
شديد بخار
ناسن ۽ اکين مان پاڻي اچڻ
منهن پچي پوڻ جيئن تصوير ۾ آهي
ساھ کڻڻ ۾ ڏکيائي
شديد دست
آخر ۾ موت

ان لاء اڳواٽ وئڪسين ڪرائي وڃي (PPR Vacine)
جانور جي پوري زندگي لاء هڪ ڊوز وئڪسين جو ڪافي آ

اگر جانور متاثر ٿئي ٿو ته ان جو خاص علاج ناهي باقي
نشانين تحت جلد کان جلد ڪنھن به پروفيشنل وٽرنري ڊاڪٽر کي اطلاع ڏجي...

Regards Dr. Amjad Ali Panhwar
DVM SBBUVAS

24/01/2025

سامھاڙو (FMD)
ھن بيماري کي سنڌي زبان۾ ڪيترن ئي نالن سان سڏيو وڃي ٿو جھڙوڪ ! سامھاڙو, مھاڙو ڀاڳيو ۽ انگريزي ۾ ھن کي (Foot and Mouth ) سڏيو وڃي ٿو.
ھي ھڪ خطرناڪ وچهندڙ بيماري آھي ھي بيماري گھڻو ڪري مينھن ڳئون ۽ رڊن ۾ ٿئي ٿي. ھي بيماري ھڪ وائرس جي ڪري ٿئي ٿي جنھن جو نالو ايپٿو وائرس( Aptho virus) آھي .
ھن بيماري ۾ جانور جي وات ۾ زخم ٿئي پوندا آھن جنھن جي ڪري جانور کي کائڻ پيئڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي ۽ جانور جي پيرن ۾ زخم ٿين ٿا ۽ تيز بخار ٿئي ٿو جانور جي پيرن ۾ زخم ھجڻ جي ڪري جانور ن ھلي سگھي ٿو ۽ ن بيھي سگھي ٿو . جانور ڪمزور ٿيڻ لڳي ٿو کير ڏيندڙ جانور جي کير ۾ گھٽتائي اچي وڃي ٿي اگر جانور حمل سان آھي ت جانو جو حمل زايا ٿي وڃي ٿو. اگر ھن بيماري جو ٽائيم سان علاج ن ڪيو ويو ت جانور جي موت واقع ٿئي سگھي ٿي ۽ ھن بيماري کان بچاءُ لاءِ جنوري جي آخري ھفتي ۾ ويڪسين ڪئي وڃي ٿئي. Dr Amjad Ali Panhwar
DVM sbbuvas

23/01/2025

جانورن خاص ڪري رڍن 🐏 ۽ ٻڪرين 🐐 ۾ هلندڙ لوسڻ ۽ برسيم جي سيزن جي حساب سان خطرناڪ ⚠️ بيماري۔

آڦري يا ڀرتي Tympany or Bloat ڇا آهي ؟

آڦري يا ڀرتي Tympany or Bloat ان حالت کي چئبو آهي، جڏهن جانور جي اوجهري (Rumen) ۾ گهڻي مقدار ۾ گئس جمع ٿي وڃي، ۽ اوجهري ڦوڪجي وڃي . جيئن تصوير ۾ ڏيکاريل آهي ۔ جيڪڏهن وقت تي جانور جو علاج نه ٿي سگهي ٿو ته ڪجھ منٽن ، يا وڌ ۾ وڌ ڪجھ ڪلاڪن جي اندر ئي جانور جو موت واقع ٿي سگهي ٿو۔ هن ۾ خاص ڪري ٻڪريون ۽ رڍون جلد مريو وڃن ٿيون۔

جانورن ۾ آڦري يا ڀرتي Tympany or Bloat جا سبب ۔

جانور خاص ڪري ٻڪريون ۽ رڍون، جڏهن سائو يا ڪچو ۽ جهجي پاڻي وارو گاھ کائن ٿيون، مثال طور لوسڻ، برسيم ۽ ساوڙي وغيره ته اوجهري ۾ اهو تيزي سان هضم ٿيڻ شروع ٿيندو آهي. نتيجي ۾ اوجهري جي اندر گهڻي مقدار ۾ گيس (Gas) ۽ گج (Froth) ٺهندو آهي ۔ هي گيس ، گج اندر داخل ٿي اوجهري ۾ ڦوڪڻو (Bubble ) نما شڪل اختيار ڪري ٿا وڃن ۔اهي ڦوڪڻا (Bubble) تمام گهڻي تعداد ۾ ٺهندا آهن ۔ جنهن جي ڪري گيس ٻاهر خارج ناهي ٿي سگهندو ۔ ۽ ايئن اوجهري ڦهلجندي ويندي آهي . ۽ ڪجھ ئي وقت جي اندر جانور جو موت واقع ٿي سگهي ٿو۔

جانورن ۾ آڦري يا ڀرتي Tympany or Boat جون نشانيون ۔

1-جانور جو پيٽ کاٻي پاسي کان يا ساڄي ۽ کاٻي ٻنهي پاسن کان ڦوڪيل هوندو آهي ۔
2- جانور اوڳر ڪرڻ ڇڏي ڏيندو آهي ۽ ٻين جانورن کان الڳ ٿي ويندو آ ۔
3- جانور جو پيشاب بند ۽ گيس ،گج ۽ اوجهري ۾ ٺهندڙ ڦوڪڻن جي ڪري پيٽ ۾ شديد قسم جو سور پوندو آهي ،جنهن ڪري جانور ٻيڪٽ يا دانهن ڪندو آ ۔
4 - آخر ۾ اوجهري جي ڦھلجڻ ڪري، ڦڦڙن تي پريشر پوندو آهي ، جنهن ڪري جانور کي ساھ کڻڻ ۾ وڏي تڪليف ٿيندي آ، ۽ جانور تڪڙا ۽ وڏا ساھ کڻندو آ ته جيئن جسم کي آڪسيجن ملي سگهي .
وقت تي علاج ۽ ڪوشش نه ڪرڻ جي ڪري جانور جي جسم کي آڪسيجن ناهي ملي سگهندي۔ ۽ آخر ۾ ساھ جي رڪجڻ ڪري دل جي حرڪت به رڪجي ويندي آهي (Respiratory and Circulatory Failure) جي ڪري جانور مري ويندو آهي ۔

جانورن ۾ آڦري يا ڀرتي Tympany or Bloat جي علاج Treatment جو مقصد يا طريقو -

شديد آڦري جي صورت ۾ جانور جي زندگي کي خطرو هوندو آهي ان ڪري Trochar Canula جي مدد سان اوجهري ۾ سوراخ ڪري گيس ٻاهر خارج ڪرائجي ۔جانور کي Antifoaming agents 🫙 يعني گج ختم ڪرڻ واريون دو.

Address

Phulji Station
Dadu

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Vet Dr Amjad Ali posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category