17/03/2026
راڳ پھاڙي .....
مونکي نه ميارون ڏي ، سورن جو سٽيل آھيان غيرن ته ستايو پر ، پنھنجن جو ڌڪيل آھيان.......... ............ ......... ...........
انگ انگ ۾ لڳو آ ڏنگ ، واسينگ زماني کان
بيحس ھن دنيا جو ، ڏاڍو مان ڏنگيل آھيان............ ............ .......... ........
رت ست مون ڏئي جن جا ، احساس اجاريا ھا
پر تن جي ھٿن سان ئي ، ڏاڍو مان ڏڌيل آھيان....... ........... ............ .......
سڄي عمر مٺا تنھنجي ، قدمن ۾ گذاريندس
مون توکي ڏني آ دل ، ٻين کان تہ ڪٽيل آھيان......... ........... ............ ............
ڏس خادم فقير تنھنجو ، غمگين به خوش آھي تنھنجي ئي سھاري سان ، بس آء جئيل آھيان