09/12/2025
غزل
شام ڪيڏي خوبصورت ٿي لڳي
مونکي تنهنجي پهرين چاهت ٿي لڳي
ٿيون لڳن هر ڪنهن جون پٿرايل اکيون
زندگي هڪڙي ڳجهارت ٿي لڳي
هڪ ڏيئي جي آئون اک سان ٿو ڏسان
لوڪ قصو تنهنجي چاهت ٿي لڳي
ڪنهن مٽيءَ جي بُت سوچيو ئي نه آ
پريت ساهن جي عبادت ٿي لڳي
اڄ الائي ڇو سبب يا ٻي سبب
تنهنجي لهجي ۾ شڪايت ٿي لڳي
سڀ اڏيندڙ گهر اڏي نڪري وڃن
وقت جي هيءَ نئين روايت ٿي لڳي
سمنڊ جي گهرن جهانن جي وسيم
هر گهڙي هن دل کي حيرت ٿي لڳي