07/09/2026
گوٺ محمد اسحاق ڀٽي ۾ جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جو عظيم الشان جلسو، عالمن جي عشق رسول ﷺ بابت خطابن سان محفل ميلاد ٿي گذريو
سامارو: تعلقي سامارو جي ڳوٺ محمد اسحاق ڀٽي ۾ جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي سلسلي ۾ هڪ عظيم الشان ۽ روح پرور جلسو منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ علائقي سميت پري پري کان آيل عاشقانِ رسول ﷺ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
جلسي ۾ دعوت اسلامي ضلع عمرڪوٽ جي مبلغ قاري نور محمد ڪنڀار قادري عطاري اهم خطاب ڪندي سيرت النبي ﷺ، عشق رسول ﷺ ۽ اسلامي تعليمات تي روشني وڌي.
خصوصي خطاب حضرت علامه مولانا احمد رضا سميجو سهروردي، نوڪوٽ پنهنجي پُراثر خطاب ۾ حضور اڪرم ﷺ جي عظمت، شان ۽ سيرت پاڪ بيان ڪندي مسلمانن کي سنت رسول ﷺ تي عمل ڪرڻ جي تلقين ڪئي.
جلسي جي پڄاڻي تي پير طريقت، رهبر شريعت، قبله پير احتشام جان فاروقي مجددي سرهندي، گلزار خليل خصوصي دعا گهري، جنهن ۾ ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، امن، خوشحالي ۽ امت مسلمه جي ڀلائي لاءِ دعائون گهريون ويون.
محفل جي زينت حضرت علامه مولانا الحاج غلام مصطفيٰ صابري، خطيب مدينه جامع مسجد سامارو شهر پڻ بڻيا، جن پنهنجي علمي ۽ روحاني گفتگو سان محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
جڏهن ته نعت خوان قاري حافظ عبدالرؤف سعيدي، سامارو شهر بارگاهه رسالت مآب ﷺ ۾ عقيدت ڀريا نعت جا گل پيش ڪري محفل کي روحاني رنگ ۾ رنگي ڇڏيو.
جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جي هن بابرڪت ۽ روح پرور جلسي جو اهتمام حاجي آدم ڪنڀار ۽ ڪنڀار برادري، تعلقو سامارو پاران ڪيو ويو. جلسي ۾ علائقي جي معززن، نوجوانن ۽ عاشقانِ رسول ﷺ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ حضور پاڪ ﷺ سان پنهنجي محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪيو.