Fahad korai

Fahad korai Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Fahad korai, Pakistan, Larkana.

03/11/2025

Celebrating my 4th year on Facebook. Thank you for your continuing support. I could never have made it without you. 🙏🤗🎉

سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي پاران "سنڌو تهذيب عروج ۽ زوال : سبب ۽ اثر" جي موضوع نامياري آرڪيالاجسٽ پروفيسر ڊاڪٽر غلام مصط...
18/05/2025

سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي پاران "سنڌو تهذيب عروج ۽ زوال : سبب ۽ اثر" جي موضوع نامياري آرڪيالاجسٽ پروفيسر ڊاڪٽر غلام مصطفٰي شر جو ليڪچر پروگرام ڪرايو ويو.

تاريخ 18/05/2025

(پ ر لاڙڪاڻو)

سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي پاران آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جي ادب شعبي جي سهڪار سان نامياري آرڪيالاجسٽ پروفيسر ڊاڪٽر غلام مصطفي شر کان ليڪچر ڪرايو ويو. هن ليڪچر جو موضوع هو، 'سنڌو تهذيب جو عروج ۽ زوال _سبب ۽ اثر '.
هن موقعي تي ليڪچرڪار سڀ کان اڳ موهن جي دڙي تي ڳالهائيندي چيو ته موهن جي دڙي مان ڪيترائي جنگي هٿيار مليا آهن. موهن جي دڙي جا ڇهه لک نوادرات کڄي ويا آهن. هن وقت موهن جي دڙي جي کوٽائي مان نڪتل پنج سيڪڙو سامان به ڪونهي، هتان 35 ڪلوگرام سونَ جا ڳھه مليا ها ۽ انيڪ مهرون به مليون هيون، جن مان چاليهه قيمتي مهرون به چوري ڪيون ويون آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته موهن جي دڙي جي ٻوليءَ مان اسين پنهنجي انگريزي الفابيٽ جا اٺ اکر ورتا آهن. هن وقت موهن جي دڙي جي رهيل کوٽائي کان يونيسڪو پابندي مڙهي ڇڏي آهي ڇاڪاڻ ته سندن چوڻ آهي ته "هتان مليل شين جي حفاظت نٿا ڪري سگهو ته پوءِ وڌيڪ دڙي کي ڇو ٿا کوٽايو". هن چيو ته موهن جي دڙي کان اڳ به سنڌ سپرپاور هئي. سنڌو درياهه جي ڪپن تي ٺهيل جيڪي به آباديون آهن. اهي پندرهن سئو ۽ سورهن سئو قبل مسيح کان به اڳ جون آهن. انهن تهذيبن مان ٻولين جا نشان به مليا آهن. جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ ٻولي ذڪر ڪيل دئور کان ئي موجود هئي".
هن سنڌو درياهه بابت ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياهه جڏهن هماليا کان پاڻي کڻي تيزيءَ سان پنجاب جي شهر مٺڻ ڪوٽ وٽ پهچي ٿو ته اتي آهستي ٿيو وڃي ڇاڪاڻ ته سنڌو درياهه لٽ کڻي اچي ٿو. سنڌو درياهه هڪ ڏينهن ۾ ڏھ لک مڻ لٽ کڻي ايندڙ آهي. هن وري موهن جي دڙي بابت ڳالهائيندي چيو ته موهن جي دڙي مان اهڙا گهر به لڌا ويا آهن جيڪي ڇهه کان ڇٽيهن ڪمرن تي مشتمل آهن. ان کان سواءِ موهن جي دڙي مان سورهن سئو مهرون مليون آهن اهي ظاهر ڪن ٿيون ته هتي سورهن سئو قسمن جا واپاري هئا. هتي هنرمندن جون خاص جايون پڻ مليون آهن. هن درياهن بابت ڳالهائيندي چيو ته سنڌ مان اڳ ٻه درياهه وهندڙ هئا، هڪ هاڪڙو درياھ ۽ ٻيو سنڌو درياهه. تحقيق مان خبر پئي آهي ته هڪڙو درياهه پنجاب جي جمنا ۽ ستلج درياهه ۾ وهائي ان جو سنڌ ڏانهن رخ مٽيو ويو آهي، هينئر سنڌو درياهه کي به ونگ وجهي ان جي پا

Address

Pakistan
Larkana

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Fahad korai posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Fahad korai:

Share