Irfan adil abro Journalist

Irfan adil abro Journalist Journalist ln Moro City
in WhatsApp number
03093028303
03272654360

Permanently closed.
04/06/2026

مورو: صرافه بازار ۾ سونارن جو ايس ايڇ او مورو خلاف احتجاج، شاهي بازار بند
رپورٽ: عرفان عادل
مورو شھر جي صرافه بازار ۾ سونارن پاران ايس ايڇ او مورو امتياز علي کھاوڙ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن وچ بازار ۾ سندن نوجوان شعبان علي پيرزادو جي دڪان تي عابد پيرزادو ويھ کان وڌيڪ هٿياربند ماڻهن سان گڏجي حملو ڪيو، جتي مبينا طور دڪان اندر موجود سونا زيور ۽ نقد رقم کڻي ويا.
سونارن الزام هنيو ته واقعي جو ڪيس مورو ٿاڻي تي داخل ٿيڻ باوجود ايس ايڇ او مورو امتياز علي کھاوڙ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بدران مبينا طور رشوت وٺي آزاد ڪري ڇڏيو آهي.
احتجاج کانپوءِ شاهي بازار مورو جا سمورا دڪان بند ٿي ويا، جڏهن ته شهر اندر خوف ۽ بيچيني واري صورتحال ڇانيل رهي. احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان واقعي جو نوٽيس وٺي جوابدارن جي گرفتاري ۽ شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو

مورو جي ڌرتيءَ سان محبت رکندڙ، عوامي مسئلن کي اجاگر ڪندڙ ۽ بي آواز ماڻهن جي آواز بڻجندڙ صحافي عرفان عادل ابڙو، صحافت کي ...
04/06/2026

مورو جي ڌرتيءَ سان محبت رکندڙ، عوامي مسئلن کي اجاگر ڪندڙ ۽ بي آواز ماڻهن جي آواز بڻجندڙ صحافي عرفان عادل ابڙو، صحافت کي پنهنجي ذميواري ۽ سماجي خدمت کي پنهنجو فرض سمجهي اڳتي وڌي رهيو آهي.
قلم جي طاقت، سچ جي همت ۽ عوام جي خدمت سندس سڃاڻپ آهي. هو هميشه حق، انصاف ۽ عوامي ڀلائي لاءِ بي خوف ٿي پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي.
✔️ حق جي آواز
✔️ سچ جي پڪار
✔️ سماج جي خدمت
✔️ آزاد ۽ ذميوار صحافت

02/06/2026

ڳوٺ وارياسو ۾ تيز طوفان سان گڏ برسات الله رحم ڪري 🌧️🌧️⛈️

مورو هڪ سال اڳ مورو واقعي ۾ قيد ڪاٽيندڙ صمد ڀٽي ۽ سندس ڀاءُ اڪرم ڀٽي آزادي بعد پنهنجي گهر پهچي ويا.سندن آزادي جي خوشي ۾ ...
02/06/2026

مورو
هڪ سال اڳ مورو واقعي ۾ قيد ڪاٽيندڙ صمد ڀٽي ۽
سندس ڀاءُ اڪرم ڀٽي آزادي بعد پنهنجي گهر پهچي ويا.
سندن آزادي جي خوشي ۾ مٽن مائٽن، دوستن ۽ عزيزن پاران شاندار استقبال ڪيو ويو. ان موقعي تي راجا کوسو ۽ صحافي عرفان عادل ابڙو سميت ٻين ساٿين گلن جي ورکا ڪري ٻنهي ڀائرن جي آجيان ڪئي.
الله پاڪ کان دعا آهي ته سندن زندگي خوشين، امن ۽ سڪون سان ڀرپور هجي.
🌹 ڀليڪار صمد ڀٽي ۽ اڪرم ڀٽي 🌹

مورو رپورٽ | عرفان عادل ابڙومورو جي فرسٽ سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ مدد علي کوسو سوشل ميڊيا ۽ ميڊيا رپورٽن جو نوٽيس وٺندي ...
02/06/2026

مورو رپورٽ | عرفان عادل ابڙو
مورو جي فرسٽ سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ مدد علي کوسو سوشل ميڊيا ۽ ميڊيا رپورٽن جو نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او مورو کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ کيس سڀاڻي رڪارڊ سميت ذاتي طور عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.
عدالت طرفان جاري ڪيل نوٽيس موجب، مبينا پوليس مقابلي ۾ ماريل دانش عرف جاني وسطڙو جي واقعي بابت سوشل ميڊيا ۽ ميڊيا تي هلندڙ خبرن جي بنياد تي نوٽيس ورتو ويو آهي. نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته دانش عرف جاني وسطڙو کي مبينا طور سندس گهر مان تحويل ۾ وٺڻ بعد جعلي مقابلي ۾ قتل ڪيو ويو.
عدالت وڌيڪ نوٽ ڪيو آهي ته مقتول جو لاش تعلقه سول اسپتال مورو منتقل ڪيو ويو، جتي وارثن جي بار بار درخواستن باوجود لاش سندن حوالي نه ڪيو ويو، جنهن بابت عدالت وضاحت طلب ڪئي آهي.
فرسٽ سول جج مدد علي کوسو ايس ايڇ او مورو کي هدايت ڪئي آهي ته هو 3 جون 2026ع تي صبح 8:30 وڳي ذاتي طور عدالت ۾ پيش ٿي تفصيلي رپورٽ ۽ لاڳاپيل رڪارڊ جمع ڪرائي.
نوٽيس ۾ اهو به چيو ويو آهي ته قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ بعد مقتول جو لاش بنا دير وارثن حوالي ڪيو وڃي ۽ ان بابت عدالت کي آگاهه ڪيو وڃي. نوٽيس جون ڪاپيون ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج نوشهروفيروز ۽ ايس ايس پي نوشهروفيروز کي پڻ موڪليون ويون آهن.
عرفان عادل ابڙو
📞 03093028303

02/06/2026
02/06/2026

مورو رپورٽ عرفان علي ابڙو
موبائيل نمبر 03093028303

02/06/2026

مورو ڀرسان ڳوٺ ھوت خان چانڊيو ۾ ھڪ ڀيرو ٻيهر جيھڙي جا اطلاع رمضان چانڊيو جو چوڻ آھي تہ اسان دڪان کولڻ تان ٻي ڌر ھٿيارن سان ڌمڪيون ڏئي رهي آهي تہ دڪان کوليندئو نقصان ٿيندو ايس ايس پي نوشهروفيروز مير روحل خان کوسو ڊي ايس پي مورو ايس ايڇ او نيو جتوئي کي گھرجي تہ واقعي جو نوٽيس وٺي وڌيڪ خونريزي کان بچايو وڃي..

01/06/2026

مورو
ٻارنھن مھينن کان بي گناھ قيد ڪاٽيندڙ صمد ڀٽي ۽ اڪرم ڀٽي ڪجھ ئي دير ۾ نوشھرو فيروزڪورٽ مان آزاد ٿي مورو طرف ايندا ذريعا

Address

Moro
MORO

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Irfan adil abro Journalist posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share

Category