18/08/2023
شھدادڪوٽ : سکر جي سينيئر صحافي شهيد جان محمد مهر جي ناحق قتل خلاف شھدادڪوٽ پريس ڪلب جي صحافين ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي
شھدادڪوٽ : پريس ڪلب جي صحافين شاهد اعواڻ ، سڪندر لغاري ، ساجد ضمير کرل سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ڪامريڊ وهاب پندراڻي ، حبدار ميرجت ، منور منگي ، وشال پلياڻي ، الله داد خشڪ ، تخت راء آڏواڻي ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري قاتلن جي گرفتاري لاء نعريبازي ڪئي
شهدادڪوٽ : سينئر صحافي شهيد جان محمد مهر کي سچ لکڻ تي سري عام گوليون ھڻي شهيد ڪيو ويو آهي ، جنهن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي ، هي قتل واقعو صحافين جي قلم ۽ آواز کي دٻائڻ جي سازش آھي : اڳواڻ
شهدادڪوٽ : شهيد جان محمد مهر جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي : مطالبو