وائيس آف ڏيپلو

وائيس آف ڏيپلو تـازھ ترين خبر

23/07/2026

عوام پاران
محترم ايم پي اي ارباب لطف الله صاحب ۽ محترم ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي صاحب جي خدمت ۾ عرض
سائين صاحبان!
ڏيپلو هڪ تاريخي ۽ اهم شهر آهي، پر افسوس جو هر سال برساتن دوران هي شهر رحمت بدران زحمت جو منظر پيش ڪندو آهي. ٿوري برسات پوڻ سان ئي شهر جون مکيه بازارون، رستا ۽ گهٽيون پاڻي هيٺ اچي وڃن ٿيون، جنهن سبب عام شهري، واپاري، مزدور، سرڪاري ملازم، شاگرد، عورتون ۽ بزرگ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏين ٿا.
گذريل ڪيترن ئي سالن کان عوام هن بنيادي مسئلي جي حل لاءِ آواز اٿاريندي رهي آهي، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اڃا تائين شهر کي جديد ۽ پائيدار ڊرينج (نڪاسي آب) سسٽم نصيب نه ٿي سگهيو آهي. جڏهن ته اوهان حڪومتي ايوانن ۾ عوام جا چونڊيل نمائندا آهيو، تنهن ڪري ڏيپلو جي هن اهم مسئلي کي اوليت ڏيڻ اوهان جي ذميواري آهي.
سائين! ان ۾ ڪجهه ذميواري مقامي نمائندن ۽ بااثر ماڻهن جي به آهي، جيڪي عوام جا حقيقي مسئلا اوهان تائين مڪمل نموني نٿا پهچائين ۽ نه ئي شهر جي هن انتهائي اهم مسئلي بابت مسلسل ياد ڏيارين ٿا.
اسان جو پُرزور مطالبو آهي ته ڏيپلو شهر لاءِ ترجيحي بنيادن تي مستقل، جديد ۽ معياري ڊرينج سسٽم منظور ڪري جلد تعمير ڪرايو وڃي، جيئن هر سال برساتن دوران شهرين کي پيش ايندڙ تڪليفن جو مستقل خاتمو ٿي سگهي.
اسان کي اميد آهي ته اوهان عوام جي هن جائز مطالبي تي سنجيدگي سان غور ڪندي عملي قدم کڻندا، جيئن ڏيپلو جي عوام کي هن پراڻي مسئلي مان نجات ملي سگهي.
ڏيپلو جي باشعور عوام

23/07/2026

ڏيپلو: موسمياتي برساتون نه پوڻ سبب ٿر ۾ خشڪ سالي جهڙي صورتحال، ماروئڙا، هاري، مالوند ۽ ڀاڳيا سخت پريشان.

ڏيپلو: برساتن جي دير سبب ٿر جون ڀِٽون سڪل نظر اچي رهيون آهن، چراگاهه ختم ٿيڻ لڳا، مال لاءِ گاهه ۽ پاڻي جي کوٽ جو خدشو وڌي ويو.

ڏيپلو: ڀاڳين جو چوڻ آهي ته لاڙ مان مال ڪاهي ٿر پهتا آهيون، پر واري تتل ۽ زمين سڪل هجڻ ڪري مال لاءِ مناسب چرڻ جا هنڌ موجود ناهن.

ڏيپلو: ڀاڳين موجب سنڌ جي ٻين علائقن مان ايندڙ چارو به مهانگو ٿي ويو آهي، واپارين اگهه وڌائي ڇڏيا آهن، هاڻي ٿر جا ماروئڙا رڳو وسڪاري جي اوسيئڙي ۾ آهن.

ڏيپلو ۽ ڪلوئي جي عوام جو اهم مسئلو: روڊن جي بدحالي تي فوري ڌيان ڏنو وڃيونگو کان علي بندر، ونگو کان ساڪري، ۽ کيتلاري کان ...
22/07/2026

ڏيپلو ۽ ڪلوئي جي عوام جو اهم مسئلو: روڊن جي بدحالي تي فوري ڌيان ڏنو وڃي
ونگو کان علي بندر، ونگو کان ساڪري، ۽ کيتلاري کان ڏيپلو ويندڙ ٽيئي روڊ ڏيپلو ۽ ڪلوئي تعلقي جي ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا. انهن رستن ذريعي هزارين ڳوٺن جا رهواسي روزانو تعليم، علاج، ڪاروبار ۽ ٻين ضرورتن لاءِ سفر ڪن ٿا.
افسوس جو ارباب غلام رحيم صاحب جي دورِ حڪومت کان وٺي اڄ تائين اهي اهم روڊ زبون حاليءَ جو شڪار آهن. تازو تيز هوائن ۽ واريءَ جي طوفان سبب ڪيترن ئي هنڌن تي واريءَ جا وڏا دڙا ٺهي ويا آهن، جنهن ڪري آمدرفت سخت متاثر ٿي آهي.
انتظاميه جي بيحسي جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته روڊن جي مرمت ته پري، پر رستن تان واري هٽائڻ لاءِ به ڪو مؤثر قدم نه کنيو ويو آهي. نتيجي ۾ روزانو گاڏيون واريءَ ۾ ڦاسي وڃن ٿيون، ڪلاڪن تائين ٽريفڪ بند رهي ٿي ۽ هزارين ماڻهو سخت تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن.
هي صورتحال ڪنهن به وقت وڏي انساني الميي کي جنم ڏئي سگهي ٿي، ڇو ته جيڪڏهن ڪو ايمرجنسي مريض، حامله عورت يا حادثي جو شڪار ماڻهو وقت تي اسپتال نه پهچي سگهي ته قيمتي جاني نقصان جو خطرو وڌي وڃي ٿو.
وس وارن، لاڳاپيل انتظاميه ۽ چونڊيل نمائندن کي گهرجي ته هن اهم عوامي مسئلي کي سنجيدگي سان وٺندي فوري طور رستن تان واري هٽرائي، عارضي بحالي جا قدم کڻن ۽ انهن اهم روڊن جي مستقل مرمت لاءِ به عملي اپاءَ ڪن، جيئن عوام کي وڌيڪ تڪليفن کان بچائي سگهجي.

22/07/2026

اهم سوال — شهري اتحاد اڳواڻ عمران باغي
ڇا صرف ڏيپلو اسپتال ئي کڏ ۾ آهي؟
جيڪڏهن برساتي پاڻي ۽ هيٺاهين زمين ئي اصل مسئلو آهي، ته پوءِ نئوڪوٽ اسٽاپ، نيشنل بئنڪ، حاميد پارڪ، مسافر خانو، مين پرائمري اسڪول، بوائز هاءِ اسڪول، گرلس هاءِ اسڪول، بدين اسٽاپ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي عمارتون به ساڳئي علائقي ۾ موجود آهن. ڇا اهي به برساتي پاڻي ۽ ڪلر واري زمين کان محفوظ آهن؟
جيڪڏهن مسئلو واقعي زمين جي نوعيت جو آهي ته پوءِ ان جو حل رڳو اسپتال تائين محدود نه هجڻ گهرجي، پر سڄي علائقي جي نيڪال، ڊرينيج ۽ شهري منصوبابندي تي به سنجيده غور ٿيڻ گهرجي.
شهري اتحاد اڳواڻ عمران باغي جو چوڻ آهي ته بحث ذاتي يا سياسي بڻائڻ بدران شهر جي گڏيل مفاد کي نظر ۾ رکندي حقيقتن ۽ فني رپورٽن جي بنياد تي فيصلو ڪيو وڃي.

ڏيپلو اسپتال جي نئين عمارت مٿانهين تي تعمير ڪرايو شهرين جو احتجاجي ريلي ڌرڻو رپورٽ يونس بجير
22/07/2026

ڏيپلو اسپتال جي نئين عمارت مٿانهين تي تعمير ڪرايو شهرين جو احتجاجي ريلي ڌرڻو
رپورٽ يونس بجير

22/07/2026

ڏيپلو: تعلقي اسپتال جي نئين تعمير بابت جاري بحث ۾ ڏيپلو شهر ۽ آسپاس جي علائقن جي رهواسين واضح موقف اختيار ڪندي چيو آهي ته اسپتال يا ته موجوده هنڌ تي جديد سهولتن سان تعمير ڪئي وڃي يا شهر جي ويجهو اهڙي مناسب جاءِ تي قائم ڪئي وڃي، جتان هر علائقي جي ماڻهن کي هڪجهڙي ۽ آسان رسائي حاصل هجي. هنن مطالبو ڪيو ته اسپتال کي اسلام ڪوٽ روڊ جي ڏکڻ طرف منتقل نه ڪيو وڃي.

رهواسين جو چوڻ آهي ته تعلقي اسپتال سڄي علائقي جو اهم علاج گاهه آهي، جتي روزانو هزارين مريض اچن ٿا. هنگامي حالتن ۾ جڏهن سريئس مريضن کي مٺي، حيدرآباد يا ڪراچي ريفر ڪرڻو پوي ٿو ته شهر جي ويجهو اسپتال هجڻ سبب قيمتي وقت بچي سگهي ٿو، جيڪو ڪيترن ئي مريضن لاءِ زندگي ۽ موت جو فرق ثابت ٿيندو.

هنن وڌيڪ چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ جهڙين حالتن دوران به ڪيترن ئي ڀرپاسي وارن علائقن جا ماڻهو ڏيپلو شهر مان گذري اسپتال تائين پهچن ٿا، تنهن ڪري نئين اسپتال جي جڳهه چونڊيندي عوام جي سهولت، آسان آمدرفت ۽ مستقبل جي ضرورتن کي بنيادي اهميت ڏني وڃي، جيئن هر شهري کي بنا ڪنهن ڏکيائي جي بهتر صحت جون سهولتون ملي سگهن.
صحافي يونس بجير

29/06/2026

پارٽ 2
سنڌ جي درسگاهن ۾ نياڻين کي هيسائڻ جا واقعا ختم نه ٿيا....
مٺي جي پبلڪ هيلٿ اسڪول ۾ شاگردياڻين کي مبينا طور هراسان ڪرڻ واري معاملي نئون رخ اختيار ڪري ورتو آهي،متاثر شاگردياڻين پاران پرنسپال وٽ لکت ۾ درخواست جمع ڪرائڻ بعد جاچ ڪميٽي قائم ڪئي وئي،جڏهن ته متاثر شاگردياڻين جي وارثن ۽ ينگ نرسز ايسوسيئيشن سنڌ جي صدر اعجاز علي ڪليري ان جاچ ڪميٽي کي رد ڪندي اڻڌري جاچ جو مطالبو ڪيو آهي ٻئي طرف الزام هيٺ آيل اڪائونٽنٽ خلاف اڃا تائين ڪا باضابطه ڪارروائي سامهون نه اچي سگهي آهي،
وڌيڪ تفصيل آواز ٽي وي جي پروگرام "اينالائيسز" ۾ ميزبان اينڪر پرسن ليلان نثار، تجزيه نگار امداد سومرو ۽ مٺي جي رپورٽر عطا نهڙيو کي ٻڌڻ نه وساريندا،

29/06/2026

پارٽ 1
سنڌ جي درسگاهن ۾ نياڻين کي هيسائڻ جا واقعا ختم نه ٿيا....
مٺي جي پبلڪ هيلٿ اسڪول ۾ شاگردياڻين کي مبينا طور هراسان ڪرڻ واري معاملي نئون رخ اختيار ڪري ورتو آهي،متاثر شاگردياڻين پاران پرنسپال وٽ لکت ۾ درخواست جمع ڪرائڻ بعد جاچ ڪميٽي قائم ڪئي وئي،جڏهن ته متاثر شاگردياڻين جي وارثن ۽ ينگ نرسز ايسوسيئيشن سنڌ جي صدر اعجاز علي ڪليري ان جاچ ڪميٽي کي رد ڪندي اڻڌري جاچ جو مطالبو ڪيو آهي ٻئي طرف الزام هيٺ آيل اڪائونٽنٽ خلاف اڃا تائين ڪا باضابطه ڪارروائي سامهون نه اچي سگهي آهي،
وڌيڪ تفصيل آواز ٽي وي جي پروگرام "اينالائيسز" ۾ ميزبان اينڪر پرسن ليلان نثار، تجزيه نگار امداد سومرو ۽ مٺي جي رپورٽر عطا نهڙيو کي ٻڌڻ نه وساريندا،

Address

Diplo

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when وائيس آف ڏيپلو posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category