20/11/2025
*ترڪن جي مشهور چوڻي آهي ته ايترو چئي ڇڏڻ ڪافي ناهي ته مان تنهنجو ڀاءُ آهيان اهو به واضح ڪر تہ هابيل جهڙو يا قابيل جهڙو!
سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي تقريبن نسل در نسل شهيدن جي پارٽي جا ورڪر ۽ ووٽر آهن، ۽ ڪو بہ جيالو پنهنجي پارٽي کي بدنام ڪرڻ وارو عمل هرگز انجام نہ ڏيندو. اڄ ساڳيو عمل جيڪو ڪربلا ۾ ٿيو تہ ٻنهي پاسي نعره تڪبير اللَّهُ ﷻ اڪبر هڻڻ وارا هئا پر واضح حق ۽ ناحق آمهون سامهون هئا جيئن اڄ جيئي ڀُٽو وارو نعرو هڻڻ وارا آمهون سامهون آهن ۽. اڄ بہ حق ۽ باطل آمهون سامهون آهن باقي نالو امام مهديؑ جو هجي، ۽ سياست بنو اميه واري انداز ۾ ڪرڻ مناسب ناهي، ڇو جو اها سياست نه پر مڪاري آهي. پر اسان جي سياست محمد و آل محمدؑ جي تعليمات جي مطابق هُجڻ گهرجي، نه ڪي آل اميه جي مڪاري جي.
الله قرآن ۾ حڪم ڏنو آهي ته سچي گواهي ڏيو، ڀلي اها گواهي پنهنجي خلاف، والدين خلاف يا مائٽن خلاف ڇو نه هجي:
﴿يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا كُونُوا قَوَّامِينَ بِالْقِسْطِ شُهَدَاءَ لِلَّهِ وَلَوْ عَلَىٰ أَنْفُسِكُمْ أَوِ الْوَالِدَيْنِ وَالْأَقْرَبِينَ﴾
(سورۃ النساء، 135)
ايئن تہ پراڻن وقتن ۾ هالار جمالي جي معطلي جا بہ نوٽيفڪيشنز نڪتل آهن، پر انهن نوٽيفڪيشنن جي ڪا حيثيت ناهي جيڪي صرف ڏيکارڻ لاءِ هوندا آهن.
پارٽي ڊسيپلن ايڪشن ڏيکاري ته هن وقت تائين ڪنهن بہ واقعي تي ڪهڙو ايڪشن ڪيو ويو آهي؟
اهڙا واقعا جيڪي پارٽيءَ جي نالي تي ٿي رهيا آهن، انهن کي روڪڻ لاءِ ڇا قدم کنيا ويا آهن؟
اهڙا عناصر جيڪي پارٽي کي بدنام ڪن ٿا، ڇا انهن کي پارٽي ۾ شامل ڪرڻ کان اڳ انهن جو ڪردار ڏٺو ويندو آهي يا انهن کي اهو ڪو پيغام لکت ۾ ڏنو ويندو آهي تہ اهڙي ڪنهن بہ عمل کي برداشت نه ڪيو ويندو جيڪو پارتي جي بدنامي جو سبب بڻجي.
يا وري پارٽي طرفان ڪنهن بہ سطح تي اصولن مطابق سخت قدم کنيا آهن ته هر شخص پنهنجي ذميواري ۽ اصولن مطابق رهي.
ڪيترا ئي شاگرد ۽ موجود اڳواڻ ان ئي يونيورسٽي مان پڙهيل آهن ۽ هر باشعور ماڻھو شاگرد سياست جو حامي هوندو آهي، پر سياست اُھا جيڪا حق ۽ تعليماتِ محمد و آل محمدؑ جي مطابق هجي، ڇو ته هر شيءِ هميشه لاءِ ناهي، ۽ اهي عهد به عارضي آهن.*