Jundullah Sindh

Jundullah Sindh Contact information, map and directions, contact form, opening hours, services, ratings, photos, videos and announcements from Jundullah Sindh, Grocers, Ratodero, Karachi.

03/08/2023

قيامت کان اڳ ۾ مديني جو بيان
حديث جي روشني ۾

أَنَسُ بْنُ مَالِکٍ رَضِيَ اللَّهُ عَنْهُ عَنْ النَّبِيِّ صَلَّی اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَالَ لَيْسَ مِنْ بَلَدٍ إِلَّا سَيَطَؤُهُ الدَّجَّالُ إِلَّا مَکَّةَ وَالْمَدِينَةَ لَيْسَ لَهُ مِنْ نِقَابِهَا نَقْبٌ إِلَّا عَلَيْهِ الْمَلَائِکَةُ صَافِّينَ يَحْرُسُونَهَا ثُمَّ تَرْجُفُ الْمَدِينَةُ بِأَهْلِهَا ثَلَاثَ رَجَفَاتٍ فَيُخْرِجُ اللَّهُ کُلَّ کَافِرٍ وَمُنَافِقٍ

انس بن مالڪ رضه الله عنها کان روايت آهي ته
رسول پاڪ ﷺ فرمايو

( قيامت کان اڳ ۾ ) دجال هر شهر کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيندو پر مڪي ۽ مديني کي ڪجھ نه ڪري سگهندو ڇو ته مڪي ۽ مديني جي هر رستي تي الله جا ملائڪ صف ٻڌي بيٺا هوندا ۽ هو مڪي ۽ مديني جي حفاظت ڪندا ان کان پو مڪي جي زمين ٽي دفعا لڏندي ته الله پاڪ سڀني ڪافرن ۽ منافقن کي مڪي ۽ مديني مان ڪڍي ڇڏيندو ،

صحيح بخاري
عمري جو بيان
حديث نمبر 1881

03/08/2023

دجال ۽ مديني جو بيان
حديث جي روشني ۾

عَنْ أَبِي بَکْرَةَ رَضِيَ اللَّهُ عَنْهُ عَنْ النَّبِيِّ صَلَّی اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَالَ لَا يَدْخُلُ الْمَدِينَةَ رُعْبُ الْمَسِيحِ الدَّجَّالِ لَهَا يَوْمَئِذٍ سَبْعَةُ أَبْوَابٍ عَلَی کُلِّ بَابٍ مَلَکَانِ

حضرت ابوبڪر رضه الله عنها کان روايت آهي ته
رسول پاڪ ﷺ فرمايو

مديني ۾ دجال داخل نه ٿي سگهندو ۽ ان وقت مديني جي ستن دروازن تي ملائق بيٺا هوندا ،

صحيح بخاري
عمري جو بيان
حديث نمبر 1879

03/08/2023

مديني جي ويراني جو بيان
حديث جي روشني ۾

أَنَّ أَبَو هُرَيْرَةَ رَضِيَ اللَّهُ عَنْهُ قَالَ سَمِعْتُ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّی اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَقُولُ يَتْرُکُونَ الْمَدِينَةَ عَلَی خَيْرِ مَا کَانَتْ لَا يَغْشَاهَا إِلَّا الْعَوَافِ يُرِيدُ عَوَافِيَ السِّبَاعِ وَالطَّيْرِ وَآخِرُ مَنْ يُحْشَرُ رَاعِيَانِ مِنْ مُزَيْنَةَ يُرِيدَانِ الْمَدِينَةَ يَنْعِقَانِ بِغَنَمِهِمَا فَيَجِدَانِهَا وَحْشًا

ابوهريره رضه الله عنها کان روايت آهي ته
رسول پاڪ ﷺ فرمايو

ماڻهون مديني کي بهترين حالت ۾ ڇڏي ويندا ۽ مدينو ويران ٿي ويندو ۽ مديني ۾ صرف خطرناڪ جانور گڏ ٿيندا ۽ آخر ۾ ماڻهون ٻڪريون چارڻ لاء ايندا ته ماڻهن کي مديني ۾ صرف خطرناڪ جانور نظر ايندا ،

صحيح بخاري
عمري جو بيان
حديث نمبر 1874

03/08/2023

مڪي شهر جي عزت جو بيان
حديث روشني ۾

عَنْ ابْنِ عَبَّاسٍ رَضِيَ اللَّهُ عَنْهُمَا قَالَ قَالَ النَّبِيُّ صَلَّی اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَوْمَ افْتَتَحَ مَکَّةَ لَا هِجْرَةَ وَلَکِنْ جِهَادٌ وَنِيَّةٌ وَإِذَا اسْتُنْفِرْتُمْ فَانْفِرُوا فَإِنَّ هَذَا بَلَدٌ حَرَّمَ اللَّهُ يَوْمَ خَلَقَ السَّمَوَاتِ وَالْأَرْضَ وَهُوَ حَرَامٌ بِحُرْمَةِ اللَّهِ إِلَی يَوْمِ الْقِيَامَةِ وَإِنَّهُ لَمْ يَحِلَّ الْقِتَالُ فِيهِ لِأَحَدٍ قَبْلِي وَلَمْ يَحِلَّ لِي إِلَّا سَاعَةً مِنْ نَهَارٍ فَهُوَ حَرَامٌ بِحُرْمَةِ اللَّهِ إِلَی يَوْمِ الْقِيَامَةِ لَا يُعْضَدُ شَوْکُهُ وَلَا يُنَفَّرُ صَيْدُهُ وَلَا يَلْتَقِطُ لُقَطَتَهُ إِلَّا مَنْ عَرَّفَهَا وَلَا يُخْتَلَی خَلَاهَا قَالَ الْعَبَّاسُ يَا رَسُولَ اللَّهِ إِلَّا الْإِذْخِرَ فَإِنَّهُ لِقَيْنِهِمْ وَلِبُيُوتِهِمْ قَالَ قَالَ إِلَّا الْإِذْخِرَ

ابن عباس رضه الله عنها کان روايت آهي ته
رسول پاڪ ﷺ فرمايو

هجرت ختم ٿي وئي پر جهاد ۽ نيت باقي آهي ان ڪري جڏهن به توهان کي جهاد لاء گهرايو وڃي ته سڀ نڪري اچو ، جنهن ڏينهن الله پاڪ زمين ۽ آسمان کي ٺاهيو هو ان ئي ڏينهن الله پاڪ هن شهر ( مطلب مڪي ) کي عزت ڏني هئي ، ان ڪري هي شهر عزت وارو آهي ، مون کان اڳ ۾ هتي ڪنهن کي به وڙھڻ جي اجازت نه هئي ۽ مون کي به صرف مڪو فتح ڪرڻ لاء وڙھڻ جي اجازت ملي آهي ، هاڻي هميشه جي لاء قيامت تائين هي شهر الله جي طرف کان عزت ڏيڻ جي ڪري عزت وارو ٿي ويو آهي ، هاڻي هن شهر جو نه ڪو ڪنڊو وڍيو ۽ نه هتي شڪار ڪيو ۽ ڪنهن به شخص جي ڪريل شي ڪو به نه کڻي ها باقي جيڪو شخص ان شي جو اعلان ڪري ته ان شخص کي اها شي واپس ڏني وڃي ۽ هتان جو گاھ به نه ڪٽيو ، عباس رضه الله عنها رسول پاڪ ﷺ کي عرض ڪيو ، اي الله جا رسول اسان کي گهر ٺاهڻ لاء هتان جو گاھ وغيره کٽڻ جي اجازت ڏيو ڇو ته اسان کي ضرورت پوندي ، اها ڳالھ ٻڌي رسول پاڪ ﷺ ان جي توهان کي اجازت آهي ،

صحيح بخاري
مڪي شهر جو بيان
حديث نمبر 1834

03/08/2023

حق واري جماعت جو بيان
حديث جي روشني ۾

عَنْ ثَوْبَانَ قَالَ قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّی اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ لَا تَزَالُ طَائِفَةٌ مِنْ أُمَّتِي ظَاهِرِينَ عَلَی الْحَقِّ لَا يَضُرُّهُمْ مَنْ خَذَلَهُمْ حَتَّی يَأْتِيَ أَمْرُ اللَّهِ وَهُمْ کَذَلِکَ وَلَيْسَ فِي حَدِيثِ قُتَيْبَةَ وَهُمْ کَذَلِکَ

ثوبان رضه الله عنها کان روايت آهي ته ،
رسول پاڪ ﷺ فرمايو ،

منهنجي امت مان هڪ گروھ هميشه حق تي هوندو ، جيڪو انهن کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪندو ته انهن کي ڪو به نقصان نه پهچائي سگهندو ، ايسيتائين جو قيامت اچي ويندي ۽ هو حق تي قائم هوندا ،

صحيح مسلم
جهاد ۽ حڪومت جو بيان
حديث نمبر 4944

عَنْ جَابِرِ بْنِ سَمُرَةَ عَنْ النَّبِيِّ صَلَّی اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ أَنَّهُ قَالَ لَنْ يَبْرَحَ هَذَا الدِّينُ قَائِمًا يُقَاتِلُ عَلَيْهِ عِصَابَةٌ مِنْ الْمُسْلِمِينَ حَتَّی تَقُومَ السَّاعَةُ

جابر بن سمره رضه الله عنها کان روايت آهي ته ،
رسول پاڪ ﷺ فرمايو ،

هي دين برابر قائم رهندو ۽ هن دين کي قائم رکڻ لاء مسلمانن جي هڪ جماعت قيامت تائين جهاد ڪندي رهندي ،

صحيح مسلم
جهاد ۽ حڪومت جو بيان
حديث نمبر 4947

جَابِرَ بْنَ عَبْدِ اللَّهِ يَقُولُا سَمِعْتُ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّی اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَقُولُ لَا تَزَالُ طَائِفَةٌ مِنْ أُمَّتِي يُقَاتِلُونَ عَلَی الْحَقِّ ظَاهِرِينَ إِلَی يَوْمِ الْقِيَامَةِ

جابر بن عبد الله رضه الله عنها کان روايت آهي ته ،
رسول پاڪ ﷺ فرمايو ،

منهنجي امت مان هڪ جماعت هميشه حق ڳالھ تي قائم هوندي ۽ هو ان لاء قيامت تائين جهاد ڪندا رهندا ،

صحيح مسلم
جهاد ۽ حڪومت جو بيان
حديث نمبر 4948

مُعَاوِيَةَ عَلَی الْمِنْبَرِ يَقُولُا سَمِعْتُ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّی اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ يَقُولُ لَا تَزَالُ طَائِفَةٌ مِنْ أُمَّتِي قَائِمَةً بِأَمْرِ اللَّهِ لَا يَضُرُّهُمْ مَنْ خَذَلَهُمْ أَوْ خَالَفَهُمْ حَتَّی يَأْتِيَ أَمْرُ اللَّهِ وَهُمْ ظَاهِرُونَ عَلَی النَّاسِ

معاويه رضه الله عنها کان روايت آهي ته
رسول پاڪ ﷺ فرمايو

منهنجي امت مان هڪ گروھ هميشه الله جي حڪم کي قائم ڪندو رهندو ، جيڪو انهن کي نقصان پهچائڻ چاهيندو يا انهن جي ڪو مخالفت ڪندو ته انهن کي ڪو نقصان نه پهچائي سگهندو ۽ هو ماڻهن جي مٿان غالب رهندا ،

صحيح مسلم
جهاد ۽ حڪومت جو بيان
حديث نمبر 4949

قَالَ سَمِعْتُ مُعَاوِيَةَ بْنَ أَبِي سُفْيَانَ ذَکَرَ حَدِيثًا رَوَاهُ عَنْ النَّبِيِّ صَلَّی اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ لَمْ أَسْمَعْهُ رَوَی عَنْ النَّبِيِّ صَلَّی اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ عَلَی مِنْبَرِهِ حَدِيثًا غَيْرَهُ قَالَ قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّی اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ مَنْ يُرِدْ اللَّهُ بِهِ خَيْرًا يُفَقِّهْهُ فِي الدِّينِ وَلَا تَزَالُ عِصَابَةٌ مِنْ الْمُسْلِمِينَ يُقَاتِلُونَ عَلَی الْحَقِّ ظَاهِرِينَ عَلَی مَنْ نَاوَأَهُمْ إِلَی يَوْمِ الْقِيَامَةِ

معاويه رضه الله عنها کان روايت آهي ته
رسول پاڪ ﷺ فرمايو

الله جنهن سان ڀلائي ڪرڻ چاهيندو آهي ته ان کي دين جي سمجھ ڏيندو آهي ۽ مسلمانن مان هڪ گروھ اهڙو هوندو جيڪو هميشه حق تي قائم رهندو ۽ هو قيامت تائين ماڻهن جي مٿان غالب رهندا ،

صحيح مسلم
جهاد ۽ حڪومت جو بيان
حديث نمبر 4948

03/08/2023

سجدي جو بيان
حديث جي روشني ۾

عَنْ أَبِي بَكْرَةَ بَكَّارِ بْنِ عَبْدِ الْعَزِيزِ، ‏‏‏‏‏‏أَخْبَرَنِي أَبِي عَبْدُ الْعَزِيزِ، ‏‏‏‏‏‏عَنْ أَبِي بَكْرَةَ، ‏‏‏‏‏‏عَنِ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ أَنَّهُ كَانَ‏‏‏‏ إِذَا جَاءَهُ أَمْرُ سُرُورٍ، ‏‏‏‏‏‏أَوْ بُشِّرَ بِهِ خَرَّ سَاجِدًا شَاكِرًا لِلَّهِ.

حضرت ابوبڪره رضه الله عنها کان روايت آهي ته رسول پاڪ ﷺ وٽ جڏهن به ڪا خوشي جي خبر ايندي هئي يا خوشي جي ڪا خبر ٻڌندو هيو ته رسول پاڪ ﷺ سجدو ڪري الله پاڪ جو شڪر ڪندو هيو ،

سنن ابو دائود
جهاد جو بيان
حديث نمبر 2774

03/08/2023

افضل عبادت جو بيان
حديث جي روشني ۾

عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ، ‏‏‏‏‏‏قَالَ نَصْرٌ،‏‏‏‏
عَنْ رَسُولِ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ، ‏‏‏‏‏‏قَالَ‏‏‏‏ حُسْنُ الظَّنِّ مِنْ حُسْنِ الْعِبَادَةِ،‏‏‏‏

ابو هريره رضه الله عنها کان روايت آهي ته
رسول پاڪ ﷺ فرمايو

سٺي سوچ بهترين عبادت آهي

سنن ابودائود
ادب جو بيان
حديث نمبر 4993

هن حديث ۾ لکيل آهي ته رسول پاڪ ﷺ فرمايو ،
سٺي سوچ بهترين عبادت آهي

اها ڳالھ اسان اڳ ۾ به توهان کي ٻڌائي هئي ته عملن جو دارومدار ( نيت ) تي آهي ( ڏاڙهي) ته نه ،

03/08/2023

رحم جو بيان
حديث جي روشني ۾

حَاتِمٍ عَنْ النَّبِيِّ صَلَّی اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَالَ إِذَا قَاتَلَ أَحَدُکُمْ أَخَاهُ فَلْيَجْتَنِبْ الْوَجْهَ فَإِنَّ اللَّهَ خَلَقَ آدَمَ عَلَی صُورَتِهِ

حاتم رضه الله عنها کان روايت آهي ته
رسول پاڪ ﷺ فرمايو

جڏهن هڪ انسان ٻئي انسان سان وڙھي ته ان کي چهري تي چماٽ نه هڻي ڇو ته الله پاڪ ابن آدم کي پنهنجي صورت مان ٺاهيو آهي ،

صحيح مسلم
رحم جو بيان
حديث نمبر 6645

هن حديث ۾ لکيل آهي ته رسول پاڪ ﷺ فرمايو ،
جڏهن هڪ انسان ٻئي انسان سان وڙھي ته ان کي چهري تي چماٽ نه هڻي ڇو ته الله پاڪ ابن آدم کي پنهنجي صورت مان ٺاهيو آهي ،

هتي لبرل فساد توهان کان سوال پڇندا ته ڇا ( الله ) انسان جهڙو آهي ڇو ته هن حديث ۾ لکيل آهي ته ( الله ) پنهنجي صورت ابن آدم کي ڏني آهي ،

انهن کي ٻڌايو ته ( الله ) انسان جهڙو ناهي بلڪه ( الله ) پاڪ ۽ خوبصورت آهي ان ڪري ( الله ) پنهنجي خوبصورتي انسان کي ڏني ان ڪري انسان ڪهڙو به هوندو اهو پنهنجو پاڻ کي وڏو سهڻو ۽ خوبصورت سمجهندو آهي پر ( الله ) جي صورت انسان جهڙي ناهي بلڪه ( الله ) پاڪ ۽ نور آهي ۽ اهو ئي خوبصورت نور ( الله ) پاڪ انسان کي ڏنو آهي ،،،

ان ڪري رسول پاڪ ﷺ فرمايو ته ،

عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ أَنَّ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّی اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَالَ إِذَا قَاتَلَ أَحَدُکُمْ أَخَاهُ فَلْيَجْتَنِبْ الْوَجْهَ

ابو هريره رضه الله عنها کان روايت آهي ته
رسول پاڪ ﷺ فرمايو

جڏهن ٻه انسان پاڻ ۾ وڙھن ته هڪ ٻئي کي چهري تي چماٽ نه هڻن ،

صحيح مسلم
رحم جو بيان
حديث نمبر 6646

03/08/2023

رسول پاڪ ﷺ تي درود پڙھڻ جو بيان
قرآن حديث جي روشني ۾

اِنَّ اللّٰهَ وَمَلٰٓٮِٕكَتَهٗ يُصَلُّوۡنَ عَلَى النَّبِىِّ ؕ يٰۤـاَيُّهَا الَّذِيۡنَ اٰمَنُوۡا صَلُّوۡا عَلَيۡهِ وَسَلِّمُوۡا تَسۡلِيۡمًا‏

الله ۽ ان جا ملائڪ نبي تي درود پڙھندا آهن اي ايمان وارئو توهان به ( پنهنجي پيغمبر ) تي درود پڙھو ۽ سلام موڪليو ،

سورت احزاب آيت نمبر 56

عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ، ‏‏‏‏‏‏أَنّ رَسُولَ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ، ‏‏‏‏‏‏قَالَ‏‏‏‏ مَا مِنْ أَحَدٍ يُسَلِّمُ عَلَيَّ، ‏‏‏‏‏‏إِلَّا رَدَّ اللَّهُ عَلَيَّ رُوحِي حَتَّى أَرُدَّ عَلَيْهِ السَّلَامَ.

ابو هريره رضه الله عنها کان روايت آهي ته
رسول پاڪ ﷺ فرمايو

جڏهن به ڪو شخص مون تي درود موڪليندو آهي ته الله پاڪ منهنجو روح مون کي واپس موٽائي ڏيندو آهي ۽ مان ان کي جواب ۾ سلام ڏيندو آهيان ،

سنن ابو دائود
مديني شهر جو بيان
حديث نمبر 2041

03/08/2023

جهاد جو بيان
حديث جي روشني ۾

عَنْ ابْنِ عَبَّاسٍ، ‏‏‏‏‏‏قَالَ‏‏‏‏ قَالَ رَسُولُ اللَّهِ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ‏‏‏‏ يَوْمَ الْفَتْحِ فَتْحِ مَكَّةَ لَا هِجْرَةَ وَلَكِنْ جِهَادٌ وَنِيَّةٌ وَإِذَا اسْتُنْفِرْتُمْ فَانْفِرُوا.

عبد الله بن عباس رضه الله عنها کان روايت آهي ته
رسول پاڪ ﷺ فرمايو

هاڻي فتح مڪه کان پو هجرت ختم ٿي وئي پر جهاد ۽ نيت باقي آهي ، جڏهن به توهان کي جهاد جو حڪم ڏنو وڃي ته نڪري اچو ،

سنن ابو دائود
جهاد جو بيان
حديث نمبر 2480

عَنْ أَبِي هُرَيْرَةَ، ‏‏‏‏‏‏عَنِ النَّبِيِّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ قَالَ‏‏‏‏ مَنْ مَاتَ وَلَمْ يَغْزُ، ‏‏‏‏‏‏وَلَمْ يُحَدِّثْ نَفْسَهُ بِالْغَزْوِ مَاتَ عَلَى شُعْبَةٍ مِنْ نِفَاقٍ.

ابو هريره رضه الله عنها کان روايت آهي ته
رسول پاڪ ﷺ فرمايو

جنهن شخص جهاد نه ڪيو ۽ نه ئي جهاد جي نيت ڪئي ۽ هو اڃي ئي مري ويو ويو ته سمجهو اهو نفاق ( مطلب ڪفر جو موت مري ويو ،

سنن ابو دائود
جهاد جو بيان
حديث نمبر 2502

03/08/2023

رحم ڪرڻ جو بيان
حديث جي روشني ۾

عَنْ عَبْدِ اللَّهِ بْنِ عَمْرٍو، ‏‏‏‏‏‏يَبْلُغُ بِهِ النَّبِيَّ صَلَّى اللَّهُ عَلَيْهِ وَسَلَّمَ الرَّاحِمُونَ يَرْحَمُهُمُ الرَّحْمَنُ، ‏‏‏‏‏‏ارْحَمُوا أَهْلَ الْأَرْضِ يَرْحَمْكُمْ مَنْ فِي السَّمَاءِ،‏‏‏‏

عبد الله بن عمرو رضه الله عنها کان روايت آهي ته
رسول پاڪ ﷺ فرمايو

رحم ڪرڻ وارن تي الله رحم ڪندو آهي ، توهان زمين وارن تي رحم ڪيو ته آسمان وارو ( الله ) توهان تي رحم ڪندو ،

سنن ابو دائود
رحم ۽ رحمان جو بيان
حديث نمبر 4941

03/08/2023

اشرف المخلوق جو بيان
قرآن جي روشني ۾

اِنَّ الَّذِيۡنَ اٰمَنُوۡا وَالَّذِيۡنَ هَادُوۡا وَالنَّصٰرٰى وَالصّٰبِـِٕـيۡنَ مَنۡ اٰمَنَ بِاللّٰهِ وَالۡيَوۡمِ الۡاٰخِرِ وَعَمِلَ صَالِحًـا فَلَهُمۡ اَجۡرُهُمۡ عِنۡدَ رَبِّهِمۡۚ وَلَا خَوۡفٌ عَلَيۡهِمۡ وَلَا هُمۡ يَحۡزَنُوۡنَ

ايمان وارا ڪهڙا به هجن يهودي هجن عيسائي هجن يا بت پرست هجن جيڪي ماڻهون الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي يقين ڪندا ۽ دنيا ۾ ڀلائي جا ڪم ڪندا ته اهڙن ماڻهن کي الله انهن ڪمن جو اجر ضرور ڏيندو ۽ قيامت جي ڏينهن نه هو اداس ٿيندا نه غمغين ٿيندا

سورت بقره آيت نمبر 62

هن آيت جو مطلب اهو آهي جيڪو به انسان الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي يقين رکندو آهي ۽ دل ۾ اهو خيال ڪندو آهي ته هن ڪائنات کي هلائڻ وارو خدا آهي ۽ اهو انسان مرڻ تي ۽ قيامت جي ڏينهن زنده ٿيڻ تي يقين ڪندو آهي ۽ ان ڪري هو ڀلائي جا ڪم ڪندو آهي ته الله انهن کي ان ڀلائي جو بدلو ضرور ڏيندو ۽ قيامت جي ڏينهن به انهن کي ڪو خوف نه ٿيندو ،،،،

باقي جيڪي ماڻهون الله ۽ قيامت جي ڏينهن کي ئي ناهن مڃيندا اصلي ڪافر اهي آهن ڇو ته انهن جو اهو خيال هوندو آهي ته اسان مري وينداسي ته الله جي اڳيان پيش نه ٿينداسي حقيقت ۾ اصلي ڪافر اهي آهن ،،،

باقي هن آيت ۾ ته اهو صاف صاف لکيل آهي ته جيڪو به انسان ڀلائي جا ڪم ڪندو ۽ الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي يقين رکندو ته ان کي ان جو ثواب ضرور ملندو ،،،،

آخر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا جيڪي عيسائي يهودي يا بت پرست رسول پاڪ ﷺ نه مڃيندا پو به انهن کي الله ڀلو بدلو ڏيندو ان جو جواب اهو آهي ته هن آيت ۾ اهو ناهي لکيل ته جيڪو رسول پاڪ ﷺ نه مڃيندو ته ان کي الله ثواب نه ملندو ،،، بلڪه هن آيت ۾ اهو لکيل آهي ته جيڪو به ايمان وارو يهودي عيسيائي يا بت پرست خدا تي ۽ قيامت جي ڏينهن تي يقين ڪري ڀلائي جا ڪم ڪندو ته الله پاڪ انهن کي ان ڀلائي جو ثواب ضرور ڏيندو ۽ هن آيت ۾ اهو به لکيل آهي ته انهن کي آخرت ۾ به ڪا تڪليف نه ٿيندي جيڪڏهن هن آيت صرف اهو لکيل هجي هان ته دنيا ۾ انهن کي ثواب ملندو ته اسان پو چئي پيا سگهئون ته انهن کي صرف دنيا ۾ ثواب ٿيندو پر هن آيت ۾ اهو به لکيل آهي ته انهن کي قيامت جي ڏينهن به ڪو خوف نه ٿيندو ،،

ان کان علاوا هڪ ٻي به حديث آهي جنهن ۾ لکيل آهي ته ابن آدم مطلب انسان جڏهن الله جي پيش ٿيندا ته الله به انهن کان اهو سوال ڪندو ته توهان پنهنجي پوري زندگي ۾ ڪهڙا عمل ڪيا

Address

Ratodero
Karachi

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Jundullah Sindh posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share

Category