سنڌ ڳالھائي ٿي Sindh Of Spece

سنڌ ڳالھائي ٿي Sindh Of Spece سنڌ جي عشق ۾ اھڙو ته مزو آ�

�جو موت به محبوب لڳندو آ

سڏ - پڙاڏو (آزاد قاضي) جي ايم سيد فائونڊيشن سن41-11-20منهنجا پيارا محمد ابراهيمڪجهه ڏينهن اڳ تنهنجو خط مليو، تو اهو نه ل...
17/01/2023

سڏ - پڙاڏو (آزاد قاضي) جي ايم سيد فائونڊيشن
سن
41-11-20
منهنجا پيارا محمد ابراهيم
ڪجهه ڏينهن اڳ تنهنجو خط مليو، تو اهو نه لکيو آهي ته اوهين هن طرف ڪڏهن ٿا اچو. جڏهن اچو ته مهرباني ڪري منهنجي بئٽري آڻيندا، جيڪا منهنجي گهر ۾ رکيل آهي. اها پهرين چارج ڪرائيندا جيڪا صرف 2 روپين ۾ ٿيندي.
2- ٿي سگهي ته سيٺ آسرداس ورند مل M.L.A سان ملندا، جيڪو الوحيد پريس ڀرسان رهي ٿو. هُن کان پڇجو ته آءٌ پنهنجي ڦِٽين جي رقم ڪڏهن نوابشاهه ڪاٽن مرچنٽ وٽان وٺان! ان ڳالهه کان سيٺ خود پورو واقف آهي.

نيڪ تمنائن سان
تنهنجو مخلص
جي.ايم.سيد
سن
1941-11-24
منهنجا پيارا محمد ابراهيم
تنهنجو خط مليو، بورچيءَ متعلق واقف نه ڪيو اَٿوَ ته پگهار ڪيترو وٺندو. ڇا، هو ڊبل روٽي ۽ ڪيڪ به ٺاهڻ ڄاڻي ٿو؟ جيڪڏهن اهي ٻئي تيار ڪري سگهي ٿو، مقعول پگهار گهري ٿو، ته پوءِ پهرين ڊسمبر 1941ع کان هن کي ڪم لاءِ موڪلي ڇڏيندا. بئٽري ته پاڻ سان به آڻي سگهو ٿا، يا ڪو هٿيڪو ماڻهو ايندو هجي ته اُن سان ڏياري موڪليندا.
نيڪ تمنائن سان
مخلص
جي.ايم سيد سن

8- حاجي چانڊيو بلڊنگ،
برنس اسٽريت، ڪراچي-3
14- مئي، 1947ع
عزيز و محترم شاهه، صاحب
والسلام : قريب قريب 16 مهينن جي مدت گذري چڪي آهي. ته اوهان جي ملاقات جو شرف حاصل نه ڪري سگهيو آهيان.
انهيءَ مدت ۾ اسان جي ديس ۾ ڇا ٿي ۽ ڇا نه ٿي گذريو آهي، تنهن جي ڄاڻ ۽ تنهن جو احساس اوهان کان وڌيڪ ٻئي ڪنهن کي ٿيو هوندو؟
اڄ جيڪا وقت جي تقاضا اهي، سا، منهنجي ناچيز خيال ۾، هيءَ آهي ته اسين هيءُ گُهر ڪيون ته اسان کي ۽ اسان جي وطن کي هندستان يا پنجابستان جي ماتحت سياسي ۽ اقتصادي غلاميءَ لاءِ مجبور ڪيو وڃي، تنهن کان اڳ اهو سوال سان جي سڀني ماڻهن کان سوالنامي (Referendum) ذريعي فيصلو ڪرايو وڃي. اهڙو سوالنامو سڀني بالغن، مردن توڙي عورتن، جي سامهون رکيو وڃي ته هو پنهنجي راءِ کان دنيا کي واقف ڪن ته هو (1) هندستان سان شامل ٿيڻ گهرن ٿا. (2) پنجابستان سان شامل ٿيڻ گهرن ٿا، يا (3) آزاد ۽ خودمختيار رهڻ گهرن ٿا.
اهڙيءَ گهُر کي عام ماڻهن جي گهُر بنائڻ لاءِ نهايت لازمي آهي ته فوراً هلچل چالو ڪجي ۽ ايندڙ سال کن جي عرصي ۾ ٻيا سڀ ڪم ڪاريون ڦٽا ڪري، بکون، تڪليفون ۽ ڏُک سر تي سهسائي، فقط ان فرض ادائيءَ کي لڳي وڃجي.
حالتون نهايت سازگار آهن، نه فقط اسان جي پنهنجي ديس جي چؤديواريءَ، پر خود هندستان جي سياسي انتشار ۽ انگريزن

Address

Karachi
LAGHARI21

Telephone

+3257094248

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when سنڌ ڳالھائي ٿي Sindh Of Spece posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to سنڌ ڳالھائي ٿي Sindh Of Spece:

Share

Category