13/05/2026
🕯️ إِنَّا لِلَّٰهِ وَإِنَّا إِلَيْهِ رَاجِعُونَ 😢💔
😢💔 نوجوان نياز ملاح جو دردناڪ موت سڄي معاشري لاءِ ھڪ وڏو سبق بڻجي ويو...
مائٽن موجب نياز ملاح کي ننڍپڻ ۾، تقريباً 5 سالن جي عمر ۾، ڪتي چڪ پاتو ھو 🐕
پر افسوس 😔 ان وقت ويڪسين نه لڳرائي وئي 💉❌
سال گذرندا ويا... تقريباً 10 سال بعد اوچتو سندس طبيعت خراب ٿيڻ لڳي ⚠️
پاڻي ڏسڻ ۽ پيئڻ سان تڪليف 💧😣، بيچيني، خوف ۽ وات مان گجي نڪرڻ جهڙيون خطرناڪ علامتون ظاهر ٿيون۔
وارث کيس علاج لاءِ ڪراچي کڻي ويا 🚑🏥
پر افسوس... نوجوان تڙپي تڙپي پنهنجي مائٽن جي سامهون دم ڌڻي حوالي ڪري ويو 😭🕯️
💔 يقيناً هي واقعو خاندان لاءِ ناقابلِ برداشت ڏک آهي،
پر گڏوگڏ اسان سڀني لاءِ هڪ وڏو سبق به آهي۔
⚠️ ياد رکو:
ڪتي جي چڪ کي ڪڏهن به معمولي نه سمجهو!
ريبيز (Rabies) هڪ اهڙي خطرناڪ بيماري آهي، جنهن جا جراثيم سالن تائين جسم ۾ خاموش رهي سگهن ٿا ☠️
📌 جيڪڏهن ڪنهن کي ڪتو چڪي وڃي:
✔️ فوري طور زخم کي صاف ڪيو
✔️ دير ڪرڻ کانسواءِ اسپتال وڃو
✔️ لازمي ويڪسين لڳرايو 💉
🙏 مهرباني ڪري هي پيغام اڳتي وڌايو ته جيئن ٻي ڪنهن ماءُ جي جهولي خالي نه ٿئي،
۽ ٻي ڪنهن نوجوان جي جان صرف لاپرواهي سبب ضايع نه ٿئي 😢
🐕
🚨
💉
❤️
⚠️
✋
ُ