22/12/2025
عوامي آگاھي ،
شاھ حيدر ايجوڪيشنل سوسائٽي سن SHEES پاران ھر سال لڳندڙ ٽي روزه مفت اکين جي ڪيمپ 25- 26 -27 ڊسمبر ۔ خميس - جمع - ڇنڇر ڏينھن سن جي سرڪاري اسپتال ۾ لڳائي پئي وڃي جنھن ۾ ڪراچيء جا اکين جا ماھر ڊاڪٽر ۽ سرجن اکين جي مفت چڪاس ۽ آپريشن ڪندا ، شھر سن ۽ آس پاس علائقي جي غريب ، مسڪين ماڻھن کي ان مان وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪرڻ گھرجي ،
ھيء اکين جي مفت ڪيمپ علائقي جي بھترين فلاحي ، سماجي شخصيت محترم ڊاڪٽر سيد ضياء شاه صاحب جن جي نگرانيء ۾ لڳي رھي آھي