25/10/2024
شهدادڪوٽ: قبوسعيد خان بس اسٽينڊ ڀرسان پوليس جي سنيپ چيڪنگ دوران هٿياربند پوليس اهلڪار کان سرڪاري ڪلاشن ڪوف ڦر ڪري، فائرنگ ڪري هڪ اهلڪار سميت ٻن ڄڻڻ کي سخت زخمي فرار ٿي ويو
شهدادڪوٽ: فائرنگ ۾ زخمي پوليس اهلڪار سيد گدا شاه ۽ ايس ايڇ او اي سيڪشن اختر ابڙو جو پرائيوٽ ڊرائيور شيروز جتوئي شامل
شهدادڪوٽ: زخمي پوليس اهلڪار سيد گدا حسين شاه شيعا اڳواڻ سيد ضمير حسين شاه جو ننڍو ڀاء آهي
شهدادڪوٽ: زخمين کي شهدادڪوٽ جي تعلقا اسپتال پهچايو ويو جتان فرسث ايڊ بعد لاڙڪاڻي اسپتال منتقل
شهدادڪوٽ: زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي
شهدادڪوٽ: پوليس اهلڪار معمول موجب چيڪنگ ڪري رهيا هئا ته موٽرسائيڪل سوار کي هٿ ڏئي روڪيو جنهن لهڻ سان پوليس اهلڪار کان ڪلاشن ڪوف ڦر ڪري مٿان فائرنگ ڪري ٻن ڄڻن کي زخمي ڪري فرار ٿي ويو،