17/03/2026
شھر واسيو ھي ڏسو ظلم جي انتھا اسان جي شھر ۾ بدامني ايتري ته عروج تي ٿي چڪي آهي جو ھاڻ ته
مير نادر خان مگسي جو #بنگلو به بدامني جي باھ کان محفوظ نه رھي سگھيو ڪجهه ڏينهن پھريان صابر حسين مگسي عامر حسين مگسي ۽ دانش علي وارن کان پوليس اسٽيشن B سيڪشن جي حد مير نادر خان مگسي جي بنگلي جي در تان 3 ھٿيار بندن گوليون ھڻي موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڦر دوران نوجوانن مٿان چورن مسلسل پسٽل جو گوليون ھلايون پر نوجوانن ھمٿ ڪري ھڪ ڦورو عاشق لانگاھ ڳڙھي خيرو رھواسي کي پڪڙي ورتو ۽ 2 ڦورو موقعي تي فرار ٿي ويا B سيڪشن پوليس انتظاميا ڦورن کي پڪڙڻ بجاء متاثر ٿيل نوجوانن جي موٽر سائيڪل چالان ڪري ڇڏي نوجوانن سان انصاف نه ٿيو پوليس پئسا وٺي چورن جي ساٿاري بڻيل آخر شھر جو ڇا ٿيندو ڪير ڏيندو تحفظ اسان جي شھر کي ۽ شھرين کي جٿي شھرين جي جان مال جي زميوار ايم پي اي جو بنگلو به محفوظ نه ھجي ته پوء شھري پنهنجي جان مال جي تحفظ جي ڪھڙي اميد رکن ۽ ڪنهن کان رکن؟.