02/06/2026
ايم اين اي محمد شهريار خان مهر صاحب شڪارپور جي مظلوم ماڻهن جو آواز بڻجي سامهون آيو آهي، ۽ اسان اُن آواز سان گڏ بيٺل آهيون جيڪو ڏوهن ۽ بدامني خلاف اٿندو آهي. سنڌ کي خوف نه، پر امن جي ضرورت آهي.
جيڪو به ڏوهاري هجي، ان جي ذات، قبيلو يا سياسي وابستگي نه ڏٺي وڃي، رڳو سندس ڏوهه کي ڏٺو وڃي. پر شڪارپور ۾ هڪ سياسي ڌر اهڙي به آهي جيڪا ڏوهارين جي حمايت ڪري ٿي. جڏهن ماڻهن کي خبر هجي ته ڏوهارين جي پٺڀرائي ڪير ڪري رهيو آهي، پوءِ به خاموش رهن، ته اها خاموشي به ڏوهه ۾ شريڪ ٿيڻ جي برابر آهي.
رياست جو فرض آهي ته هر شهري کي قانون تحت برابر تحفظ فراهم ڪري. قانون جي حڪمراني هڪ مهذب سماج جي بنياد آهي، ۽ جڏهن اها ڪمزور ٿيندي آهي ته سڀ کان وڌيڪ نقصان بيگناهه ماڻهن کي ٿيندو آهي.
اصل تڪليف اها آهي ته ماڻهو حقيقت ڄاڻڻ باوجود خاموش آهن ۽ ڏوهارين جي سرپرستي خلاف آواز نٿا اٿارين. محمد شهريار خان مهر صاحب اها خاموشي ٽوڙي رياست کي سندس ذميواري ياد ڏياري آهي.
اسان سچ جي حمايت ڪريون ٿا، انصاف جي حمايت ڪريون ٿا، ۽ هر اُن شخص سان گڏ آهيون جيڪو سنڌ جي امن ۽ عوام جي تحفظ لاءِ آواز بلند ڪري ٿو. شڪارپور ۾ جيستائين ڏوهارين جي حمايت ختم نه ٿيندي، تيستائين پائيدار امن ممڪن نه ٿيندو.
GEO My Boss