Allama Majid Hussain Rehmani Saifi

Allama Majid Hussain Rehmani Saifi خطیب وامام جامع مسجد غوثيه پرنسپال جامعه انوار مصطفي رحمانيه سيفيه103موری پیر پٺو، پاڪستان 🔖

12/03/2026

جامع مسجد غوثيه 103 موري بابرڪت محفل شب قدر 23رمضان المبارڪ

الحمدلله ربِّ العالمين! شبِ قدر جي بابرڪت نسبت سان جامع مسجد غوثيه 103 موري ۾ هڪ روح پرور ۽ باوقار علمي و روحاني جلسه من...
12/03/2026

الحمدلله ربِّ العالمين! شبِ قدر جي بابرڪت نسبت سان جامع مسجد غوثيه 103 موري ۾ هڪ روح پرور ۽ باوقار علمي و روحاني جلسه منعقد ڪيو ويو، جيڪو ايماني جذبن، محبتِ رسول ﷺ ۽ ذڪرِ الٰهي سان معمور رهيو.
هن بابرڪت پروگرام جي زيرِ سر پرستي ۽ خصوصي خطاب
حضرت علامه ماجد حسين نقشبندي مجددي رحماني سيفي صاحب جو ٿيو، جن پنهنجي دلنشين بيان ۾ شبِ قدر جي عظمت، ان جي فضيلتن ۽ رمضان المبارڪ جي روحاني فلسفي تي جامع ۽ اثرائتي روشني وڌي، ۽ حاضرین کي عبادت، تقويٰ ۽ دين سان وابستگي اختيار ڪرڻ جي نصيحت فرمائي.
جلسي ۾ علمي خطابن جو سلسلو پڻ جاري رهيو، جنهن ۾
خطابِ اول: مولانا اسماعيل طاهري صاحب
خطابِ لاجواب: علامه محمد اسحاق نقشبندي رحماني سيفي صاحب
خصوصي خطاب: علامه عبدالغني جت نعيمي دام اقبالہ
انهن معزز عالمن سڳورن پنهنجي پراثر بيانن ذريعي شبِ قدر جي برڪتن، قرآن پاڪ جي عظمت ۽ امت جي اصلاح بابت قيمتي نصيحتون پيش ڪيون.
محفل کي محبتِ رسول ﷺ جي سرور سان معطر ڪرڻ لاءِ نعت خوان حضرات پڻ پنهنجي عقيدت جا گل پيش ڪيا، جن ۾
حافظ اختر حسين نقشبندي رحماني سيفي،
ذڪريا منگڻهار سيفي، مولانا عبدا لحڪيم شورو صديقي
واجد سيفي، ظهور احمد پنهور
حافظ شمشاد سيفي،
سيد علي نواز شاهه ۽ سندن ساٿي شامل هئا.
هن بابرڪت محفل ۾ عاشقانِ رسول ﷺ جي ڪثير تعداد شرڪت ڪري شبِ قدر جي فضيلتن مان روحاني فيض حاصل ڪيو.
اهو پڻ قابلِ ذڪر آهي ته هن سڄي پروگرام جو انتظام ۽ اهتمام مولانا خطيب اهلِ سنت حضرت علامه ماجد حسين نقشبندي مجددي رحماني سيفي صاحب جي مسلسل جدوجهد، محنت ۽ ڪوششن سان عمل ۾ آيو، جنهن سبب هي روحاني محفل نهايت ڪامياب ۽ يادگار ثابت ٿي.

11/03/2026

علماءِ اهلِ سنت و جماعت جي اتحاد، باهمي محبت ۽ باطل جي مقابلي ۾ استقامت جو روشن مثال.
الحمدلله! هن مبارڪ محفل ۾ ڪيترن ئي جليل القدر علمائن ۽ مشائخِ عظام جي بابرڪت ملاقات ٿي، جن جون شخصيتون علم، تقويٰ، اخلاص ۽ مسلڪِ اهلِ سنت جي حفاظت ۾ پنهنجي الڳ مقام رکن ٿيون:
جان اهلسنت حضرت قبله مفتي محمد جان نعيمي دام اقبالُهُ
شير سنڌ سائين حضرت پير عمر جان سرهندي مجددي
قبله سائين حضرت قاضي محمد احمد نعيمي دام اقبالُهُ
حضرت مفتي خليل احمد الازهري دام اقبالہ
قبله سائين مرشد من حضرت علامه پير شير محمد المعروف بابا جان مبارڪ نقشبندي سيفي
قبله سائين صاحبزاده علامه فيض الرحمان رحماني دام اقبالہ
بيشڪ جڏهن اهلِ حق جا علماء ۽ اولياءِ ڪرام هڪ هنڌ گڏ ٿين ٿا ته اها رڳو ملاقات نه هوندي آهي، بلڪه اهو اتحادِ اهلِ سنت، محبتِ اولياءَ ۽ باطل جي ردّ جو زنده پيغام هوندو آهي.
Faiz Ur Rehman Al Rehman

الحمد لله
08/03/2026

الحمد لله

بِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيمِاِن شاءَ اللهُ العَزِيزتصوف جو ذوق ۽ شوق رکڻ وارن ڪيترن ئي دوستن بار بار اسرار ڪيو ته...
08/03/2026

بِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيمِ
اِن شاءَ اللهُ العَزِيز
تصوف جو ذوق ۽ شوق رکڻ وارن ڪيترن ئي دوستن بار بار اسرار ڪيو ته سائين! اوهان پنهنجي بيانن وانگر تحرير جي صورت ۾ به سلوڪ ۽ تصوف جا ڪجهه اسرار بيان فرمايو ته جيئن سالڪن ۽ محبن کي فيض حاصل ٿئي.
انهيءَ محبت ڀري اسرار کي نظر ۾ رکندي اِن شاءَ اللهُ العَزِيز وقت بوقت تصوف، سلوڪ، طريقت ۽ معرفت جي باري ۾ مختصر مگر مفيد تحريرون پيش ڪيون وينديون، جيئن سالڪين کي پنهنجي شيخ ڪامل کان صحيح معنی ۾ فيض ملي سگهي ۽ دلين ۾ محبتِ الٰهي ۽ عشقِ رسول ﷺ جو نور وڌي.
هن سلسلي جي شروعات سلسلهٔ عاليه نقشبنديه مجدديه معصوميه سيفيه جي اسباق سان ڪئي ويندي. پهرين مرحلي ۾ انهن اسباقن جا نالا بيان ڪيا ويندا، ان کان پوءِ اسماءِ الٰهي جا ورد، مراقبي جا طريقا، انهن جون نيتون، ۽ مراقبي جا روحاني فائدا وضاحت سان پيش ڪيا ويندا.
هيءَ سڄي تحرير خاص طور تي انهن احباب لاءِ هوندي جيڪي تصوف ۽ سلوڪ جو ذوق رکن ٿا ۽ پنهنجي باطن جي اصلاح، دل جي صفائي ۽ قربِ الٰهي حاصل ڪرڻ جا طالب آهن.
دعا آهي ته الله پاڪ اسان سڀني کي اخلاص، ادب ۽ استقامت عطا فرمائي ۽ اهلِ الله جي نقشِ قدم تي هلڻ جي توفيق نصيب فرمائي. آمين يا رب العالمين.
✍️ علامه ماجد حسين نقشبندي مجددي رحماني سيفي.

08/03/2026
بِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيمِالحمدُ لله ربِّ العالمين، والصلاةُ والسلامُ على سيدِ الأنبياءِ والمرسلين.سرزمينِ سنڌ ...
07/03/2026

بِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيمِ
الحمدُ لله ربِّ العالمين، والصلاةُ والسلامُ على سيدِ الأنبياءِ والمرسلين.
سرزمينِ سنڌ جي ديني ۽ علمي تاريخ هميشه اهڙين عظيم شخصيتن سان روشن رهي آهي، جن علمِ دين جي خدمت، عقيدهٔ اهلِ سنت و الجماعت جي پاسداري ۽ اشاعتِ اسلام کي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد بڻايو. انهن ئي باوقار شخصيتن مان هڪ جليل القدر عالم دين ، صاحبِ قلم مصنف، مفڪر ۽ مبلغِ اسلام حضرت مفتي محمد جان نعيمي دام اقبالُهُ آهن، جن کي اهلِ محبت وڏي عقيدت سان “ملير وارو سائين” ۽ “جانِ اهلِ سنت” جي لقب سان ياد ڪن ٿا.
حضرت مفتي محمد جان نعيمي دام اقبالُهُ دارالعلوم مجدديه نعيميه ملير ڪراچي جا سرپرست اعلیٰ آهن، جتان علمِ دين جي شمع روشن ٿي ڪيترن ئي شاگردن جي دلين کي منور ڪري رهي آهي. هن اداري مان ڪيترائي عالم، حافظ تيار ٿي دينِ متين جي خدمت ۾ مصروف آهن.
حضرت مفتي صاحب دارالعلوم مجدديه عثمانيه مڪلي شريف ۾ تشريف فرماٿيا، جيڪو اسان جي بزرگ استاد، مخدومِ اهلِ سنت حضرت مفتي عبدالرحمن ٺٽوي نورَ الله مرقدَهُ جو قائم ڪيل علمي ۽ روحاني مرڪز آهي. هي ادارو عرصي کان علمِ شريعت جي اشاعت ۽ خدمتِ دين ۾ مصروف آهي ۽ هتان هزارين عالمن، حافظن کي دستاربنديءَ جي سعادت نصيب ٿي آهي.
حضرت مفتي محمد جان نعيمي دام اقبالُهُ هن موقعي تي حضرت مفتي عبدالرحمن ٺٽوي نورَ الله مرقدَهُ جي وصال تي سندن فرزندن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ سندن علمي، ديني ۽ روحاني خدمتن کي وڏي احترام سان خراجِ عقيدت پيش ڪيو. پاڻ دعا فرمائي ته الله تعاليٰ هن اداري دارالعلوم مجدديه عثمانيه مڪلي شريف کي هميشه قائم و دائم رکي ۽ ان کي علمِ دين جي اشاعت جو مرڪز بڻائي رکي.
حضرت مفتي صاحب محبت ڀريي انداز ۾ ارشاد فرمايو ته:
“اسان سندن صاحب زادن سان گڏ آهيون، ۽ حضرت مفتي عبدالرحمن ٺٽوي رحمه الله جون ديني خدمتون تا قيامت تائين اهلِ محبت ۽ اهلِ علم جي دلين ۾ زنده رهنديون.”
الله رب العزت کان دعا آهي ته حضرت مفتي عبدالرحمن ٺٽوي نورَ الله مرقدَهُ جي درجات بلند فرمائي ۽ سندن علمي ۽ روحاني فيض کي سندن فرزندانِ گرامي جي ذريعي جاري و ساري رکي.
صاحبزاده علامه فيض الرحمان رحماني
صاحبزاده حافظ عطاءُ الرحمان رحماني.
راقم السطور خادم العلماء الفقير ماجد حسين رحماني سيفي

07/03/2026

بِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيمِ
مفتي ابنِ مفتي ڊاڪٽر حق نبي سڪندري دام اقبالُهُ اُن باوقار ۽ باعلم ديني شخصيتن مان آهن، جيڪي هميشه عقيدهٔ اهلِ سنت والجماعت جي ترجماني دليرانہ، مدلل ۽ بيباڪ انداز ۾ ڪندا رهيا آهن۔ سندن بيان، تحرير ۽ دعوتي خدمتن ۾ حق گوئي، استقامت ۽ ديني غيرت نمايان طور نظر اچي ٿي۔ هنن ڪڏهن به باطل قوتن، مخالفتن يا دشمنن جي سازشن جي پرواهه نه ڪئي، پر هميشه حق جي ڳالهه کي جرئت سان بيان ڪرڻ کي پنهنجو فرض سمجهيو آهي۔
سندن علمي عظمت ۽ ديني غيرت دراصل سندن عظيم والدِ گرامي سلطان الواعظين حضرت مفتي عبدالرحيم سڪندري نُوَّرَ اللهُ مرقدهُ جي تربيت ۽ فيض جو نتيجو آهي۔ حضرت مفتي عبدالرحيم سڪندري رحمه الله تعاليٰ سڄي سنڌ ۾ دينِ متين جي خدمت لاءِ پاڻ وقف ڪري ڇڏيو هو۔ پاڻ هڪ مڃيل عالم، بلند پايه مصنف، ڪامياب مدرس، اثرائتو خطيب ۽ بي مثال مبلغ طور سڃاتا ويندا هئا۔ سندن وعظ ۽ بيانن ماڻهن جي دلين ۾ عشقِ رسول ﷺ ۽ صحيح عقيدي جي روشني پيدا ڪئي، ۽ بي شمار ماڻهن کي دين سان وابسته ٿيڻ جو شرف نصيب ٿيو۔
اڄ مفتي ابنِ مفتي ڊاڪٽر حق نبي سڪندري دام اقبالُهُ پنهنجي والدِ گرامي جي علمي ۽ روحاني ورثي کي سنڀالي ساڳئي عزم، اخلاص ۽ همت سان دينِ اسلام، مسلڪِ اهلِ سنت والجماعت ۽ حق جي پيغام کي عام ڪرڻ ۾ مصروف آهن۔ سندن علمي، دعوتي ۽ اصلاحي خدمتون قابلِ تحسين آهن ۽ اميد آهي ته سندن محنتن سان دين جي روشني وڌيڪ عام ٿيندي رهندي۔
الله تعاليٰ کين وڌيڪ علم، عمل، عزت، صحت ۽ قبوليت عطا فرمائي ۽ سندن خدمتن کي دينِ متين لاءِ صدقۂ جاريه بڻائي۔
آمين يا ربَّ العالمين۔

07/03/2026

بِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيمِ
الحمدُ للهِ ربِّ العالمين، والصلاةُ والسلامُ على سيدنا محمدٍ ﷺ، وعلى آلهِ وأصحابهِ أجمعين.
رمضان المبارڪ جو مهينو رحمتن، برڪتن ۽ نيڪين جي بهار کڻي ايندو آهي. هن مهيني ۾ روزو رکڻ سان گڏ روزيدارن کي افطار ڪرائڻ به وڏي اجر ۽ ثواب وارو عمل آهي. اسلام ۾ هن عمل کي وڏي فضيلت سان بيان ڪيو ويو آهي.
رسولِ اڪرم ﷺ فرمايو:
عَنۡ زَيۡدِ بۡنِ خَالِدٍ الۡجُهَنِيِّ رضي الله عنه قَالَ قَالَ رَسُولُ اللَّهِ ﷺ:
«مَنْ فَطَّرَ صَائِمًا كَانَ لَهُ مِثْلُ أَجْرِهِ غَيْرَ أَنَّهُ لَا يَنْقُصُ مِنْ أَجْرِ الصَّائِمِ شَيْءٌ»
ترجمو:
حضرت زيد بن خالد جهني رضي الله عنه روايت ڪن ٿا ته رسول الله ﷺ فرمايو:
“جيڪو ڪنهن روزيدار کي افطار ڪرائيندو، ان کي به روزيدار جيترو ئي اجر ملندو، ۽ روزيدار جي اجر مان ڪوبه گهٽ نه ٿيندو.”
📚 (سنن الترمذي، حديث: 807 – سنن ابن ماجه)
انهيءَ حديث مان معلوم ٿئي ٿو ته جيڪو شخص الله جي رضا خاطر ڪنهن روزيدار کي پاڻي، کجور يا کاڌي سان افطار ڪرائيندو، الله تعاليٰ ان کي به روزيدار جي برابر ثواب عطا فرمائيندو.
تنهن ڪري مسلمانن کي گهرجي ته رمضان المبارڪ ۾ غريبن، مسڪينن، مسافرن ۽ ٻين روزيدارن کي افطار ڪرائڻ جو اهتمام ڪن، ڇو ته هي عمل محبت، اخوت ۽ سخاوت جو بهترين اظهار آهي. اهڙن عملن سان نه رڳو ثواب حاصل ٿئي ٿو، پر سماج ۾ همدردي ۽ ڀائيچاري جو جذبو به پيدا ٿئي ٿو.

06/03/2026

بِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيمِ
الحمدُ لله رب العالمين، والصلاة والسلام على سيّدنا محمد ﷺ، نور القلوب وسرور الأرواح، وعلى آله وأصحابه أجمعين.
مان پنهنجو پاڻ عاجز ۽ ادني غلام پيرِ طريقت، رهبرِ شريعت، آفتابِ ولايت حضرت پير شير محمد المعروف بابا جان مبارڪ اطال الله حياته جي دربار ۾ پيش ڪريان ٿو. اهو دربار صرف زيارت جو مقام ناهي، بلڪه تصوف جي روحاني عظمت ۽ ڪمال جو مرڪز آهي، جتي سالڪ پنهنجي دل، جان ۽ ادب سان پاڻ فاني ڪري، رب جي قربت حاصل ڪري ٿو.
منهنجي مرشد پاڪ ۾، مان انهن سڀني وصفن جو مشاهدو ڪريان ٿو جيڪي هڪ ولي ۽ تصوف جي بزرگ ۾ هجڻ گهرجن: حسن اخلاق، علم، بصيرت، شفيق دل، فروتني، ۽ رسول الله ﷺ جي سنتن جي عادتون. هتي هر عمل، هر نگاهه، ۽ هر لفظ محبت، عاجزي ۽ نور سان معمور آهي.
اهو دربار زنده ڪرامات جو مرڪز آهي، جتي دشمن به جڏهن اچن، مرشد جي حسن خلق ۽ شفيق طبيعت انهن جي دلين ۾ نرمائي پيدا ڪري، سڀ عداوتون ۽ رنج وساري ڇڏيندا آهن.
اڄ آئون پنهنجي استاذ صاحب جي صاحبزادہ حافظ عطاءُ الرحمان سان مرشد جي حضور ۾ حاضر ٿيو. جنهن محبت، ادب ۽ روحانيت جو منظر مون ڏٺو، اهو دل کي جهڪائي ڇڏيو. پنهنجي ظاهر ۽ باطن ٻنهي حالتن کي محسوس ڪندي، مون پاڻ کي عاجزي ۽ خشوع ۾ ڏٺو: واه! منهنجا ڪريم، منهنجا مرشد!
الله تعاليٰ جو شڪر آهي، جنهن مون کي هن دورِ دجال ۾ هڪ ڪامل مرشد عطا ڪيو، جيڪو علم، تقويٰ، اخلاق ۽ روحانيت جو سرچشمو آهي. اهڙي مرشد جي قربت ۾ انسان پنهنجا سڀ عهدا، لقب ۽ سڀ وڏائي وساري، صرف هڪ عاجز مريد بڻجي وڃي ٿو.
هي دربار، هي قربت، ۽ هي منظر هر شاگرد ۽ سالڪ لاءِ هڪ روشني ۽ سبق آهي، جيڪو دلين ۾ عاجزي، محبت ۽ مرشد سان وفاداري جي روشني وجهي ٿو، ۽ پڙهندڙ پاڻمرادو دعائيه ڪلام ڏيڻ تي مجبور ٿي وڃي.

06/03/2026

Address

Sindhar

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Allama Majid Hussain Rehmani Saifi posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share

Category