15/09/2025
شيخ اياز چيو هو ته :
جي تون به اچين او وڻجارا ،
توکي به اڪاري وينداسين ـ
ھي شخص پاڪستان جي سياسي تاريخ جو ھڪ اھم سياسي اڳواڻ آھي ھن پاڪستان جي سياست ۾ آئيني جي اندر ويھي ماڻھن جي سوين مسئلن کي حل ڪري پنھنجي صلاحيتن کي اجاگر ڪيو آهي توڙي جو ھن سان اسان جي وڏن جو تعلق الاھي پراڻو آهي ان وڏن جي تعلق کي اسين اڄ به نڀائيندا پيا اچون اڄ سپريم ڪورٽ جي تمام وڏي وڪيل عبدللطيف کوسا صاحب سان سنڌ ھاء ڪورٽ ڪراچي ۾ ساڻس سان ھڪ خوشگوار ماحول ۾ ملاقات ڪئي سون انشاءالله ايندڙ وقت تائين انھن ملاقاتن جو سلسلو جاري رھندو ھھڙن ماڻھن جي لاءِ لطيف سائينءَ چيو آھي تہ :
ويٺي جنين وٽ ، ڏکندو ڏور ٿئي ،
تون تنين سان ڪٽ ، اوڏو اڏي پکڙا ـ