Raja R K

Raja R K Umerkot, Sindh Pakistan

" Punjab Castes " by late sir Denzil Abbetson, Governor of the Punjab.Printed first in 1883 and reprinted in 1916.Publis...
19/08/2026

" Punjab Castes " by late sir Denzil Abbetson, Governor of the Punjab.
Printed first in 1883 and reprinted in 1916.
Published by Punjab Government Press. Page 274; line 35 para No 573 about Orh Rajput " Oad ".
They claim descent from Raja Bhagirath, who vowed never to drink twice out of the same well , and so he dug down and down and never come up again. It is mourning far them that they wear wool, and they marry by the Hindu ceremony.
Till the reappearanc of Raja Bhagirath they will, they say, marry out of sub-caste. They are said to claim Rajput or Kshttrya origin and to come from Marwari etc.

ترجمو:

" پنجاب جون ذاتيون " جيڪو ڪتاب سر ڊينزل ابيٽسن صاحب گورنر پنجاب لکيو ھو. اھو ڪتاب سن 1883 ۾ پھريون دفعو ۽ 1916 ۽ ٻيو دفعو پنجاب حڪومت شايع ڪرايو. ان جي صفعي 274 ۽ پيرا نمبر 573 ۾ لکيل آھي تہ: اوڏ راجپوت، جيڪي خود کي راجا ڀاڳيرٿ جو اولاد سڏائي فخر محسوس ڪن ٿا، جنھن ھڪ ئي کوھ مان ٻيھر پاڻي نہ پيئڻ جو پڪو ارادو ڪيو ھو. انھيءَ ڪري ھو روز ھڪ کوھ کوٽيندو ھو، ھڪ ڏينھن گھڻو ئي کوٽيائين پر ڪامياب نہ ٿيو، ھيٺ کوٽيندي ھوءَ ھميشه لاءِ گم ٿي ويو . ان کان پوءِ اھو اوڏن لاءِ سوڳ ٿي ويو ھو. ھو چون ٿا تہ جيستائين راجا ڀاڳيرٿ واپس نہ ايندو تيسيتائين ھو نک مان ٻاهر شادي ڪندا، اھي پنھنجي بڻ بنياد جي راجپوت يا کشتريہ ھئڻ جي دعوي` ڪن ٿا ۽ مارواڙ کان اچڻ جو چون ٿا.

حقيقت اسان جي عدالتن جا رنگ منفرد آھن، غريب بغير ڪنھن ڏوھ جي جيلن ۾ آھن، ۽ امير سزا ملڻ جي باوجود آزاد آھن...!!!
19/08/2026

حقيقت

اسان جي عدالتن جا رنگ منفرد آھن، غريب بغير ڪنھن ڏوھ جي جيلن ۾ آھن، ۽ امير سزا ملڻ جي باوجود آزاد آھن...!!!

سماج لاءِ وڙھو، وڙھي نٿا سگهو تہ پوءِ لکو ، لکي نٿا سگهو تہ ڳالھايو، ڳالھائي نٿا سگهو تہ ساٿ ڏيو ، ساٿ بہ نٿا ڏئي سگهو ت...
17/08/2026

سماج لاءِ وڙھو، وڙھي نٿا سگهو تہ پوءِ لکو ، لکي نٿا سگهو تہ ڳالھايو، ڳالھائي نٿا سگهو تہ ساٿ ڏيو ، ساٿ بہ نٿا ڏئي سگهو تہ جيڪي وڙھي، لکي ۽ ڳالھائي رھيا آھن انھن جي مدد ڪريو. جيڪڏھن مدد بہ نٿا ڪري سگهو تہ پوءِ انھن جو حوصلو نہ وڃايو ڇو ته اھي توھان جي حصي لاءِ وڙھي رھيا آھن...!!!

17/08/2026
راجا ڀاڳيرٿ جي گنگا آڻڻ جي ڪٿااوڏ راجپوت نسل جي مھاراجا دليپ کان پوءِ ايوڌيا جو حڪمران مھاراجا ڀاڳيرٿ ٿيو، جنھن جي فيض ج...
17/08/2026

راجا ڀاڳيرٿ جي گنگا آڻڻ جي ڪٿا

اوڏ راجپوت نسل جي مھاراجا دليپ کان پوءِ ايوڌيا جو حڪمران مھاراجا ڀاڳيرٿ ٿيو، جنھن جي فيض جو درياء اڃا تائين آريہ لوڪن ۾ وھي رھيو آھي، جنھن مھاراجا ڀاڳيرٿ جو نالو زنده ڪري ڇڏيو آھي. ڀاڳيرٿ جي دور ۾گنگا جو وھڻ ، تاريخي، مذهبي توڙي آريہ لوڪن جي ڀلائي جو سونھري دؤر آھي. جنھن کي اسان تاريخي شڪل ۾ پيش ڪريون ٿا.
انھيءَ گنگا جي وھڻ جي ڪھاڻيءَ رامائڻ ۾ بہ لکيل آھي تہ چڪرورتي مھاراجا سگر جي پٽن کي پاراتو ڏيئي ماري ڇڏيو ھو. گنگا جل کي آريہ لوڪن ۾ آڻڻ لاءِ ڀاڳيرٿ جي پيءُ دليپ ۽ ان جي والده انشومان بہ ڪوشش ڪئي ھئي، مگر زياده ڪاميابي نصيب نہ ٿي، اھي ٻہ نسل گنگا جي کي آڻڻ جي جدوجهد ۾ ڪامياب نہ ٿيا، ھاڻي عوام جي ڀلائيءَ جي انھيءَ ڪم کي ڀاڳيرٿ راجا پنھنجي ھٿ ۾ کنيو ۽ جتان کان اھو وهڪرو شروع ٿئي ٿو اتي پھچڻ جو پختو يقين ڪيو. ڀاڳيرٿ گنگا جل کي ھڪ اھڙي رستي مان وٺي وڃي جمنا سان ملائڻ جو سوچيو، يعني سورج ڌي اڪڇومتي ۾ ملائڻ جو عھد ڪيو، جنھن سان آرين جي مشھور شھرن ۽ ڳوٺن جي نزديڪ ھئڻ سان عوام کي فائدو ٿئي.
ڀاڳيرٿ گنگا جل کي بنگال جي اپسمنڊ ۾ ملائي ڇڏيو. جمنا نديءَ گنگا پرياگ ( الھ آباد ) جي مقام تي ملي ۽ اتان اڳتي گنگا وھندي ھلي وئي.

آرين جي حڪمران ونس جي تاريخ جي ٻي يگ (Yug) جي صفحي نمبر 13 ۾ لکيل آھي تہ مھاراجا ڀاڳيرٿ گنگا جي وھڪري کي هماليه جبل مان لاھي " ھري دوار " وٺي آيو ۽ جڏھن ڀاڳيرٿ راجا جي اڻ ٿڪ محنت بعد گنگا جو پاڻي دشوار گذار رستن مان ٿيندو اچي جمنا سان مليو، تڏهن ڀاڳيرٿ کي تمام گهڻي شھرت ملي ، رامائڻ ۾ بہ ائين لکيل ملي ٿو، جتي ھي ٻئي درياءَ پاڻ ۾ ملن ٿا، اھو ھنڌ پرياگ ( الھ آباد ) آھي، اتان کان ئي ڀاڳيرٿي گنگا جي نالي سان مشھور ٿي.

رامائڻ ٻال ڪانڊ سرگ 43 ۽ 31 ۾ تحرير آھي تہ:
ترجمو رٿ تي سوار ڀاڳيرٿ راجا اڳ ۾ ھليو آيو ٿي ۽ گنگا ندي پٺيان وھندي آئي ٿي، انھيءَ درياءَ آڻن جي ڪم ۾ آريا، ديو، رشي ۽ راڪشش وغيره سڀئي شامل ھئا.
ھي ندي ڀاڳيرٿ راجا جي طرفان بي انداز محنتن ۽ فائدن جو سرچشمو آھي، ۽ ھميشه وھندي رھندي ، گنگا جل اوڏ راجپوت اولاد جو ھڪ عظيم ڪارنامو آھي.
پراڻ ۽ رامائڻ ۾ ڀاڳيرٿ جي ساراھ لکيل ملي ٿي، موجوده دؤر ۾ بہ اھڙي ڪا راجپوت اوڏ اولاد نہ ملندي، جنھن ايوڌيا جي راجا ڀاڳيرٿ کي پنھنجو بزرگ نہ بنايو ھجي.

پنھنجي ئي پيرن تي ڪھاڙي ھڻڻ برابر..!!!وزير ۽ ان جي خاندان وارن جو لائيف اسٽائل                          " عوام "وزير کي ...
17/08/2026

پنھنجي ئي پيرن تي ڪھاڙي ھڻڻ برابر..!!!

وزير ۽ ان جي خاندان وارن جو لائيف اسٽائل
" عوام "
وزير کي وزير بڻائڻ وارن جو لائيف اسٽائل

آزادي ملڻ جي باوجود اڄ بہ اسين غلام آهيون! آزادي ملڻ کان اڳ ۾ انگريزن جا غلام ھئاسين، ۽ آزادي ملڻ کان پوءِ حڪمرانن جا......
17/08/2026

آزادي ملڻ جي باوجود اڄ بہ اسين غلام آهيون!

آزادي ملڻ کان اڳ ۾ انگريزن جا غلام ھئاسين،
۽ آزادي ملڻ کان پوءِ حڪمرانن جا...!!!!

پاکستان کے یومِ آزادی پر مندر پر لہراتا سبز ہلالی پرچم ہندو برادری کی وطن سے محبت اور قومی وابستگی کی خوبصورت عکاسی کرتا...
17/08/2026

پاکستان کے یومِ آزادی پر مندر پر لہراتا سبز ہلالی پرچم ہندو برادری کی وطن سے محبت اور قومی وابستگی کی خوبصورت عکاسی کرتا ہے۔ یہ منظر اس حقیقت کی یاد دہانی ہے کہ پاکستان سب شہریوں کا وطن ہے اور اس کی خوشی میں ہر برادری برابر کی شریک ہے۔
وطن سے محبت کسی ایک مذہب یا طبقے تک محدود نہیں، بلکہ یہی جذبہ پاکستان کی خوبصورتی، اتحاد اور قومی یکجہتی کو مضبوط بناتا ہے۔ ایسا دیس ہے میرا… پاکستان۔

ڄامشوري جي نياڻي ديا انيل ڀاٽيا يونيورسٽي آف لنڊن مان ايل ايل بي آنرس ۾ تاريخي ڪاميابي، 125 سالن جو اعزاز پنهنجي نالي ڪر...
16/08/2026

ڄامشوري جي نياڻي ديا انيل ڀاٽيا يونيورسٽي آف لنڊن مان ايل ايل بي آنرس ۾ تاريخي ڪاميابي، 125 سالن جو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو

سنڌ جي لاءِ فخر جو باعث بڻجندڙ ڄامشوري جي هونهار نياڻي ديا انيل ڀاٽيا يونيورسٽي آف لنڊن مان ايل ايل بي (آنرس) جي ڊگري شاندار ڪاميابي سان مڪمل ڪندي امتحان ۾ ٽاپ پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي. ديا انيل ڀاٽيا يونيورسٽي آف لنڊن جي 125 سالن جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ مارڪون حاصل ڪري نئون اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو.

ديا انيل ڀاٽيا اسلام آباد جي اسڪول آف لا ريڪگنائزد ٽيچنگ سينٽر مان قانون جي تعليم حاصل ڪئي. پنهنجي ڪاميابي تي ڳالهائيندي هن چيو ته اها ڪاميابي سندس استادن جي محنت، رهنمائي ۽ والدين جي دعائن جو نتيجو آهي. هن چيو ته سندس والدين جو خواب هو ته هوءَ اعليٰ تعليم حاصل ڪري نمايان ڪاميابي ماڻي، جيڪا اڄ حقيقت بڻجي وئي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته مستقبل ۾ هوءَ وڌيڪ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ چاهي ٿي ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ اقليتي برادري جي عورتن کي قانوني تحفظ ۽ سندن جائز حقن جي حاصلات لاءِ عملي ڪردار ادا ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي.

ديا انيل ڀاٽيا چيو ته سندس ڪاميابي تي سنڌ جي عوام پاران جيڪا محبت، دعائون ۽ ڀرپور موٽ ملي آهي، ان جي هن ڪڏهن به اميد نه ڪئي هئي. هن سنڌ جي سمورن ماڻهن جو دل جي گهراين سان ٿورو مڃيندي چيو ته سندن محبت ۽ حوصلا افزائي هميشه سندس لاءِ اتساهه جو سبب رهندي.

"سنڌي هئڻ تي فخر آهي" جي جذبي سان ديا انيل ڀاٽيا جي هيءَ غيرمعمولي ڪاميابي نه رڳو ڄامشوري پر سڄي سنڌ ۽ پاڪستان لاءِ پڻ اعزاز جو باعث بڻجي وئي آهي.

Address

Umerkot, Sindh
Umerkot

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Raja R K posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category